خيرپور (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) ليڊي ولنگٽن اسپتال ۾ تازن ڄاول ٻارڙن لاءِ قائم آءِ سي يو پيڊس وارڊ مان لاٿل ايئرڪنڊيشنز ۽ اينڪيوبيٽرس چار ڏينهن گذرڻ باوجود نه لڳي سگهيا جنهن ڪري تازن ڄاول ٻارڙن جون حياتيون خطري ۾ پئجي ويون آهن. ليڊي ولنگٽن اسپتال ۾ تازن ڄاول ٻارڙن لاءِ قائم آءِ سي يو پيڊس وارڊ مان ڊاڪٽر ڪامران شاهاڻي ايئرڪنڊيشنز ۽ اينڪيوبيٽرس کڻي وڃڻ واري معاملي جو سيڪريٽري صحت پاران نوٽيس وٺڻ بعد ٽي ڏينهن اڳ پمز يونيورسٽي نواب شاهه جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر گلشن ميمڻ خيرپور پهچي ليڊي ولنگٽن اسپتال جو دوروڪري ٻارڙن واري آءِ سي يو وارڊ ۾ نيون ايئر ڪنڊيشنز ۽ لاٿل انڪيوبيٽرس 24 ڪلاڪن اندر ٻيهر لڳائڻ جو خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر ڊاڪٽر اسدالله مهر کي حڪم جاري ڪيو هو پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو حڪم نامي کان پوءِ ٽي ڏينهن گذري وڃڻ جي باوجود ايئر ڪنڊيشنون ۽ لاٿل انڪيوبيٽرس نه لڳي سگهيا آهن جنهن سبب آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل ٻارڙن جون حياتيون مسلسل خطري هيٺ آهن. خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر ڊاڪٽر اسدالله مهر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته لاڪ ڊائون سبب ايئر ڪنڊيشنز خريد ناهيون ڪري سگهيا.