خيرپور: ليڊي ولنگٽن اسپتال ۾ تازن ڄاول ٻارڙن لاءِ قائم آءِ سي يو وارڊ مان جبري طور تي ڊاڪٽر ڪامران شاهاڻي پاران ايئرڪنڊيشنون ۽ اينڪيوبيٽرس لهرائي کڻي وڃڻ واري عمل تي خيرپور جي سول سوسائٽي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سوشل ميڊيا تي سخت ردِعمل ظاهر ڪيو آهي. ان حوالي سان سول سوسائٽي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ليڊي ولنگٽن اسپتال ۾ تازن ڄاول ٻارڙن لاءِ قائم آءِ سي يو وارڊ مان جبري طور تي ڊاڪٽر ڪامران شاهاڻي پاران ايئرڪنڊيشنون ۽ اينڪيوبيٽرس لهرائي کڻي وڃڻ وارو عمل هڪ ڪِريل حرڪت آهي، ڊاڪٽر ڪامران شاهاڻيءَ جي اهڙي حرڪت سان تازا ڄاول معصوم ٻارڙا موت جو شڪار ٿي سگهن ٿا. هنن صحت کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ڊاڪٽر ڪامران شاهاڻي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.