خيرپور (رپورٽر) بئنڪنگ ڪورٽ ون، خيرپور جي مختلف بئنڪن مان قرض وٺي واپس نه ڪندڙ ڪنگري ڪوٽ مير محمد جي رهواسي شاهنواز ولد الاهي بخش، عبدالرحيم ولد سوزل فقير،  ڪوٽ ميرمحمد جي رهواسي ڪريم بخش ولد محمد بخش ڪٽپر، ڳوٺ قائم خان ڊرٻ ميهر شاهه جي رهواسي امان الله ولد سهراب خان ۽ ڳوٺ غلام اصغر تنيو جي رهواسي محمد رفيق ولد محمد جمن تنيو جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي خيرپور پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته کين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.