پريالوءِ (ن پ ا) پريالوءِ لڳ ڳوٺ مينگلو جلباڻيءَ ۾ 26 محرم الحرام تي امام زين العابدين جي شھادت جي سلسلي ۾ يوسف جلباڻيءَ جي اڳواڻي ۾ ماتمي جلوس ڪڍيو ويو. ان کان اڳ مجلس عزا منعقد ڪئي وئي، جنهن کي خطاب ڪندي مولانا ساجد جلباڻي  ۽ مولانا وزير علي شيخ  چيو ته امام حسين سڄي انسانيت جو امام ۽ علمبردار آهي، هن ڪربلا ۾ لازوال قرباني ڏئي اسلام کي سر بلند ڪيو.