خيال پسنديت يا تصوريت جو فلسفو

0
191
خيال پسنديت يا تصوريت جو فلسفو

 خيال پسنديت يا تصوريت (Idealism) ھڪ قديم ترين فلسفو آهي، جيڪو حقيقت يا سچائيءَ تائين پھچڻ لاءِ خيالن، آزاد سوچ ۽ شعور جي اهميت تي زور ڏئي ٿو ۽ ان جي پاڙ ھن ڳالهه تي بيٺل آھي ته مطلق حقيقت يا سچائي پنھنجي آخري تجزئي ۾ اسان جي خيالن يا تصورن ۽ شعور تي مشتمل آهي؛ ان ڪري ھي فلسفو مادي بدران خيالن ۽ تصورن کي وڌيڪ اھم ڄاڻي ٿو. مذھبي دنيا جي تاريخ ۾ ھي فلسفو تمام اثرائتو رهيو آهي ۽ تاريخ جي مختلف دورن ۾ مختلف فلسفي جھڙوڪ سقراط (470 کان 399 ق. م)، افلاطون (427 کان 347 ق. م)، رين ڊيڪارٽ (1650-1596ع)، جارج برڪلي (1753-1685ع)، امينوئل ڪانٽ (1808-1724ع)، فريڊرڪ ھيگل (1831-1770ع) وغيره ان جا پڪا حامي رھيا آھن. جيئن ته ھن فلسفي جا اھم فلاسافر ۽ حامي مادي شين جي وجود جا ئي انڪاري آھن، ان ڪري اڪثر دانشور ھن فلسفي ۽ ان جي حامين کي ترتيبوار خيال پرستي ۽ خيال پرست ڪوٺيندا آھن، جن کي مادي دنيا جي خوبصورتي ۽ رنگيني نظر ئي نه ٿي اچي! ان باوجود ھن وقت تائين ھي فلسفو ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ ھلندو پيو اچي.

قديم يونان جي افلاطون، جنھن کي سقراط جو شاگرد ۽ “وات” پڻ چيو ويندو آهي، کي ھن اولھ جي خيال پرستي يا تصوريت جو باني سڏيو ويندو آهي. سندس خيال هو ته مادي دنيا مطلق حقيقت يا سچائي نه آهي پر ھڪ ڪوڙ آھي، دوکو آھي ۽ فريب آھي، جڏھن ته خيالات/تصورات جي دنيا ئي حقيقي دنيا ۽ مطلق سچائي آهي. سندس تصوراتي دنيا جنھن کي ھو حقيقي ۽ ابدي دنيا سمجهي ٿو، ۾ انصاف، خوبصورتي ۽ نيڪي جھڙيون سچائيون مادي ۽ جسماني دنيا کان آزاد ۽ ابدي طور تي ھميشه کان موجود ھيون، آهن ۽ رھنديون. ٻئي پاسي سندس خيال ھو ته مادي دنيا مسلسل تبديل ٿي رهي آهي ۽ زوال ۽ عدم استحڪام ان جون اڻٽر خاميون آهن. افلاطون جو خيال هو ته انسان پنھنجي ذهني سوچ جي ذريعي سچائي تائين پهچي سگهي ٿو. ٻين لفظن ۾ عقل ۽ منطق انسان کي اصلي خيالي دنيا جي حقيقت تائين رسائي سگهن ٿا.

افلاطون جيتوڻيڪ پنھنجي استاد سقراط جي نظرئي جي تشريح ۽ تشھير ڪئي پر ھن انھن تصورن کي اڳتي وڌائي جامع شڪل پڻ ڏني. اڪثر محقق افلاطون ۽ سقراط جي خيالن، نظرين ۽ لکڻين کي ھڪ ڪري ليکيندا آھن ۽ گڏيل طور انھن کي افلاطون جو خيال پسنديت يا خيال پرستي وارو فلسفو چوندا آهن. خيال پرستي جي فلسفي سياست، اخلاق ۽ فلسفي تي گھرا اثر ڇڏيا آھن، جيڪي ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ اڄ به موجود آھن. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مان “جمهوريت”(The Republic) ، “سمپوزيم/اجلاس”(Symposium)  ۽ “قانون”(The Laws)  جي مختلف شعبن ۾ وڌيڪ هاڪ آهي ۽ حوالو ڏنو ويندو آهي. دي ريپبلڪ يا “جمهوريت” ۾ افلاطون دليل ڏئي ٿو ته تعليم عام ڀلي يعني عوامي ڀلي ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ جو وسيلو آھي. عوام کي پاڻ تي ۽ ٻين تي حڪومت ڪرڻ جي قابل هئڻ گهرجي. جڏھن ته سندس ڪتاب The Laws ۾ ھڪ اجنبي (يعني ھو پاڻ) ۽ ٻن مقامي ماڻهن جي وچ ۾ ھڪ تصوراتي ٻيٽ تي زندگي گذارڻ جي قانونن، اخلاقيات، تعليم، شادي، ملڪيت جي مالڪي ۽ عوام جي ڀلي لاءِ ۽ حڪومت جي ڪردار تي گرما گرم گفتگو ۽ بحث ٿيل آھي؛ سندس واضح مؤقف آھي ته معاشري جا قانون منطق ۽ عقلي استدلال تي ٻڌل ھجڻ گهرجن، نه ڪي شخصي ترجيحن تي! انهن قانونن جو ديرينه مقصد عوام جو ڀلو ئي ھجڻ گهرجي.

افلاطون پنھنجي سماج ۾ ماڻهن کي ٽن ٽولن ۾ ورھائڻ جي ڳالهه ڪئي ھئي: فلاسافر بادشاھ ٽولو، ويڙھاڪ يا فوجي ٽولو ۽ ھنرمند ٽولو. ھن نظرئي کي عملي جامو پھرائڻ لاءِ دنيا ۾ اعليٰ تعليم جي پھرئين تعليمي اداري “دي اڪيڊمي” (The Academy) جو بنياد سن 387 قبل مسيح ۾ رکيو. سندس تعليم ڇھن مرحلن تي مشتمل ھئي. جيڪو اميدوار پنجاھ سالن جي عمر تائين جي ڇھن مرحلن (پنج مرحلا اڪيڊمي ۾ ۽ آخري مرحلو وقت جي حڪمران سان گڏ ٽريننگ ڪندڙ جي حيثيت ۾) جي تعليم دوران حسابن، منطق ۽ فلسفي ۾ اعليٰ ترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ، اعليٰ اخلاق جو حامل ۽ ھر قسم جي ذاتي لالچ کان پاڪ ثابت ٿيندو ته اھو فلاسافر بادشاھ يا حڪمران بڻجڻ جو اھل ھوندو؛ فقط اھڙو حڪمران ئي انصاف ۽ عقلمنديءَ سان حڪومت ڪري سگهندو. ساڳيءَ طرح سان ھن ويڙھاڪن توڙي ھنرمندن جي چونڊ ۽ تربيت لاءِ تعليمي مرحلا ٻڌايا ھئا. ويڙھاڪ يا فوجي ٽولو، جيڪو بهادري ۽ وڙھڻ جي فن جي اوزارن ۽ اٽڪلن ۾ مھارت رکندڙ ھو، ان جي ذمي ملڪ جي حفاظت ھئي، جڏھن ته ھنرمند ٽولي جي ذمي ضرورت جون شيون ٺاھڻ ۽ جسماني مزدوري واريون خدمتون فراهم ڪرڻ ھو.

ھن فلسفي مطابق صحتمند جسم، اخلاقي ۽ تنقيدي سوچ پيدا ڪرڻ ۽ انھن کي پروان چاڙھڻ تعليم جا اھم مقصد ھئا، جيڪي جسماني تعليم (جيمناسٽڪس)، موسيقي، رياضي، منطق ۽ فلسفي پڙھائڻ سان حاصل ڪري پيا سگهجن. ھي نظريو ٻڌائي ٿو ته انسان ٻن جزن جو مرڪب آھي: جسم ۽ روح؛ جسم تغير پذير، عارضي ۽ فاني آھي جڏھن ته روح غير تغير پذير، دائمي ۽ غير فاني آھي؛ ان ڪري روح کي جسم جي مٿان فوقيت حاصل آھي. سقراط جو خيال ھو ته انساني روح سندس پيدائش کان اول جي حقيقت آھي، جسم ته فقط ھڪ قالب يا کوکو آھي، جنھن ۾ روح وقتي طور رھندو آھي. جسم ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ روح کي ھر حقيقت، علم، سياڻپ ۽ نيڪيءَ جي پروڙ ھئي پر جسم جي ڍانچي ۾ قيد ٿيڻ تي ان کان اھو سڀ ڌنڌلو ٿي ۽ وسري ويو آھي، ۽ روح کي وري پنھنجي اصلي جاءِ تي موٽڻو  ضرور آھي. ھن فلسفي مطابق جسم جي پرورش جيمناسٽڪس يا جسماني ورزشن ۽ مشقتن وسيلي ممڪن آھي، جڏھن ته روح جي نشونما وري موسيقي وسيلي ڪري سگهجي ٿي.

 ھي فلسفو ڪيترن ئي شعبن تي اثرانداز ٿيندو رھيو آھي، جھڙوڪ: فلسفو، ادب ۽ آرٽ. اڄ به فلسفي ۾ جڏھن سچائي، علم ۽ اخلاقيات جي ڳالهه ٿيندي ته ھن فلسفي جا حوالا لازم ۽ ملزوم آھن؛ ادب ۽ آرٽ ۾ خوبصورتي جي تصور ۽ تخليقي ۽ تنقيدي خيالن جي ڳالهه ٿيندي ته خيال پسندن ۽ خيال پرستن جو ذڪر ضرور ٿيندو. اڄڪلھ جا تشريحيت (Interpretivism) ۽ پوسٽ ماڊرنزم (Postmodernism) فلسفا پڻ ماڻهن طرفان شين ۽ لقائن کي موضوعي (Subjective) طور ڏسڻ ۽ معنيٰ ڏيڻ کي اھم سمجهن ٿا. دنيا جا اڪثر مذھبي تصور ھن فلسفي جي سڌريل يا بگڙيل شڪل ئي آھن.

 خيال پرستن، خاص ڪري سقراط ۽ افلاطون، جو بنيادي نقطو ھن عقيدي تي مبني ھو ته مادي دنيا ھر وقت تغير پذير آھي، عارضي آھي ۽ فاني آھي، انڪري اھا بذات خود حقيقت يا سچائي نه آهي پر ھڪ ٻي/ابدي دنيا جو پاڇو، پرتو يا بگڙيل عڪس آھي، يعني اسان پنھنجي چوڌاريءَ جيڪو مادو ڏسون ٿا، اھو ھڪ خواب ۽ خيال آھي. ٻين لفظن ۾ ٽڪر ٽڪريون، ڍنڍون ڍورا، درياءَ سمنڊ، برف برسات، وڻ ٽڻ، گل ٻوٽا، ڀاڄيون ميوا، جانور مڇيون وغيرہ بذات خود حقيقتون نه آھن پر ھڪ ٻي ابدي دنيا جي شين جا پاڇا يا عڪس آھن. مطلب ته خيال پرستن حواسي معلومات جو ھڪ نه ٻي ريت انڪار ئي پئي ڪيو آھي. ھن معاملي ۾ خيال پرستي ۽ سندس حامي مات کائي ويا ۽ وڏي ۾ وڏي غلطي ڪري ويا، جنھن ڪري ھنن تي ڇتي تنقيد ٿيندي رھندي آھي.

مٿئين بحث جو لب لباب اھو وڃي بيھي ٿو ته خيال پسنديت يا تصوريت جو فلسفو قديم ترين فلسفو ۽ نظريو آھي، جيڪو سچائيءَ تائين پھچڻ يا ان جي جوڙڻ ۾ آزاد ۽ تنقيدي خيالن ۽ شعور جي اھميت جو اقرار ڪري ٿو. ھي فلسفو تاريخ ۾ ھن وقت تائين اھم رھيو آھي. سقراط، افلاطون، برڪلي، ڪانٽ ۽ ھيگل جھڙا فلسفي ان جا حامي رھيا آھن. مذھبي دنيا ۾ روح، ابدي ۽ دائمي دنيا، ابدي سچائي ۽ لافانيت جھڙا تصور ھن فلسفي جي پيداوار آھن. ھن فلسفي جو مادي دنيا کان انڪار ان جي وڏي ۾ وڏي غلطي ھئي، جنھن ڪري ان تي اڄ تائين ڇتي تنقيد ٿيندي رھي ٿي.