آءِ ايم ايف جون وڌندڙ فرمائشون

0
127
آءِ ايم ايف جون وڌندڙ فرمائشون

 پاڪستان ترقي ڪري ۽ عوام خوشحال رهي سگهي ٿو! هي هڪ اهڙي خواهش آهي, جيڪا هڪ ديواني جو خواب بڻجي وئي آهي. ملڪي معاشي حالت جي باري ۾ هڪ ڏينهن آسري واري خبر آهي ته ٻئي ڏينهن اميد ڏيکارڻ واري خبر ڏني وڃي ٿي. ٽئين ڏينهن وري اها عالمي مالياتي اداري جي فرمائش “دوست ملڪن جي گارنٽي وٺي ڏيو”!

                 اسان جا هڙئي سياستدان اهوئي تماشو ڏسي رهيا آهن، جنهن جي باري ۾ هو ماضيءَ ۾ ادارن کي خبردار ڪندا رهندا هئا ته سياسي معاملن کي سياستدانن تي يا پارليامينٽ تي ڇڏي ڏيو پر نه ادارا مڙندا هئا (آهن) نه اسان جا اهي ملڪي غير ملڪي مبصر، جيڪي حڪومتِ وقت کي ملڪ تي بار سمجهڻ يا ان کي ملڪ جي لاءِ جوکم قرار ڏيڻ لاءِ راءِ عامه تيار ڪرڻ ۾ اڳيان اڳيان هوندا هئا (آهن). هن ڀيري به هڪ پاسي پي ڊي ايم حڪومت کي اڳوڻي وزيرِاعظم عمران خان نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو آهي ته ٻئي پاسي انهن يوٽيوبرز جيڪي ڏينهن رات عمران خان کي ملڪ جو مسيحا ثابت ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهن، حڪومت کي ڪافي پريشان ڪيو آهي. ڏٺو وڃي ته آءِ ايم ايف به ڄڻ پاڪستان کان پنهنجو ڪو رهيل پلاند ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو هِن پنهنجي فرمائشي فلم جي لڳاتار نمائش ڪرڻ تان اڃان تائين هٿ ڪونه کنيو آهي ۽ ان فرمائشي نمائش حڪومت جو ساهه سُڪائي ڇڏيو آهي. سو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڳالهه ته چٽي لڳي پئي آهي ته پاڪستان جي معيشت هن وقت ”آسري ۽ اميد“ جي سهاري تي بيٺل آهي. هن معاشي مُنجهه جو ذميوار ڪير آهي، عوام به هاڻي ڄاڻي ويو آهي. اهوئي سبب آهي جو اهو ملڪي حالتن کان بيزار ٿي هڪ پاسي ٿي ويهي رهيو آهي. باقي جيڪي سياسي ورڪرز ۽ همدرد آهن، اهي آڱر ڪٽائي شهيد ٿيڻ جي آس ۾ پنهنجي پنهنجي پارٽي سربراهن جي ڍال بڻجي رهيا آهن. حقيقت هي آهي ته اهي هاڻي سياسي ورڪرز نه رهيا آهن. اهي هاڻي مريد بڻجي ويا آهن. ڪوبه ماڻهو جڏهن مريد بڻجي وڃي ٿو ته ان مان اختلاف راءِ رکڻ وارو جذبو موڪلائي ٿو وڃي. پوءِ ليڊر غلط هجي تڏهن به قبول، جي صحيح آهي ته سِر حاضر. اسان ۽ توهان کي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي عام ڀتين تي اهو پراڻو نعرو “اسان کي منزل نه رهنما گهرجي” چڱي طرح ياد هوندو. ان نعري جو جيڪو انجام ٿيو، اها به سڀني کي خبر آهي. سوال ٿو پيدا ٿئي ته ملڪ جي هڪ وڏي سياسي پارٽي جو انجام به ڇا اهڙو ئي ٿيندو؟ جيڪڏهن ائين ٿيو ته ثابت ٿيندو ته هٿرادو پارٽين جو ڪوبه آئيني يا سياسي مستقبل ڪونهي. مثال لاءِ ق ليگ ئي ڪافي آهي.

ملڪ کي هن حال تائين يعني معاشي وينٽيليٽر تي آڻڻ ۾ ڏوهه ڪنهن جو آهي، سڀني حڪومتن جو، عالمي مالياتي ادارن، خاص طور تي آءِ ايم ايف جو، جنهن کي اسان جي حڪومتن کي آڱرين تي نچائڻ جو گر حاصل ٿي چڪو آهي يا ان مخالف ڌر جو، جيڪا جڏهن حڪومت ۾ هوندي آهي ته بيرحم ٿي ويندي آهي ۽ جڏهن اپوزيشن ۾ هوندي آهي ته خود غرض بڻجي ويندي آهي. اڳوڻي وزيرِاعظم ذوالفقار علي ڀٽي (شهيد) جي ان قول کي کڻون ٿا، جنهن ۾ هو چئي ٿو ته، “عوام جي زندگين ۾ بهتري اچي سگهي ٿي، هي ملڪ هڪ عظيم ملڪ بڻجي سگهي ٿو”، جيڪڏهن هن ملڪ جي خواص پنهنجين لاپرواهه عياشين ۽ بي پرواهه مراعتن تان هٿ کڻي ۽ ملڪ ۽ عوام جو ڀلو سوچي. شامل اڪائين جي ثقافتن کي آئيني تحفظ مهيا ڪري، انهن جي ٻولين جو مان مٿانهون ڪري ۽ انهن جي اوسر جي لاءِ ڪي ٺوس قدم کڻي. وسيلن جي مالڪي کي اڪائين جو حق تسيلم ڪري ۽ گهَرو توڙي پرڏيهي پاليسين کي مرتب ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن سان به زبردستي نه ڪئي وڃي پر فهم ۽ فراست کان ڪم ورتو وڃي. هڪ خومختيار ملڪ وانگي هڪ آزاد پرڏيهي پاليسي جوڙي وڃي. حقيقت هي آهي ته اسان جي قوم جي اڪثريت خاص طور اها اقليت جنهن وٽ اقتدار ۽ اختيار آهي، ان ايتري ته بدعنواني ڪئي آهي جو هن جي پيٽ، رت ۽ دماغ ۾ بدعنواني شامل ٿي وئي آهي. چين اڄ عالمي مارڪيٽ اڪانامي ۾ پنهنجي لاءِ مٿانهون مقام ٺاهڻ لاءِ ائين ئي خاموشي سان ڪم ڪندي اڳتي وڌي رهيو آهي، جيئن هن پنهنجي ملڪ اندر تعليم، تحقيق، ۽ صنعت جو ڄار وڇايو آهي، ان جو ڪو مثال نٿو ملي. تازو سعودي- ايران کي ٻيهر ويجهو آڻي، وچ اوڀر جي امن جي لاءِ هن جيڪو ڪم ڪيو آهي، ان ڪم کي به چين ايتري ته خاموشي سان ڪيو پئي جو ڪنهن کي کڙڪ ئي نه پئي ۽ جڏهن ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون ته ان کي دنيا آڏو آندو ويو. وچ اوڀر ۾ چين جو جيڪو اثر رسوخ وڌي رهيو آهي، چئي سگهجي ٿو ته چين پنهنجي عالمي ڪردار کي نڀائڻ ۽ يوني پولر دنيا کي پٺتي ڌڪڻ ۾ ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهيو آهي.

اسان جي سياستدانن کي سوچڻ گهرجي ته اهي پاڪستان کي باوقار ملڪ بڻائڻ چاهين ٿا يا پاڙيسري ملڪ افغانستان جي مستقبل جهڙي خطرناڪ ماحول ڏانهن وٺي وڃڻ چاهين ٿا. هن وقت ملڪ تي آءِ ايم ايف جو داٻو هلي رهيو آهي. سياسي-آئيني معاملا به سياستدانن جي هٿن مان نڪري ويا آهن. لڳي ائين ٿو ته اپريل 2022ع واري تبديلي سرڪار جي حقيقي تبديلي بعد ملڪ سنڀالجي ڪونه پيو. پنجاب جي اقتدار کي حاصل ڪرڻ وارو سياسي-آئيني دنگل جيڪڏهن ڊيگهه وٺي رهيو آهي ته ان جي پويان به اهي نيتون آهن ته مان ٺيڪ باقي سڀ بيڪار آهن، پوءِ چاهي ان نيت جو شڪار سياستدان هجن يا آئيني ادارن جا سربراهه. بهتر اهو آهي ته اختلافي معاملن ۽ تڪرارن کي پارليامينٽ ۾ نبيريو وڃي.