ڪراچي(اسٽاف رپورٽر )  ڊائريڪٽوريٽ آف پرائيوٽ اسڪولز خانگي اسڪولن جي انتظاميا کي سنڌي لازمي پڙهائڻ ۽ هفتي  ۾ 2 بدران 4 ڪلاس هلائڻ جي هدايت ڪئي آهي، پرائيوٽ اسڪولز جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر رفيعه ملاح بيڪن هائوس، سٽي اسڪول ۽ ٻين خانگي اسڪولن کي خط لکي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته سنڌي  مضمون پڙهائڻ تي ڌيان ڏنو وڃي. خط ۾ لکيو ويو آهي ته جيڪي اسڪول سنڌي مضمون جا هفتي ۾ 2 ڪلاس وٺن ٿا، اهي هاڻي هفتي ۾ 4 ڪلاس وٺڻ واري فيصلي تي عمل ڪن. ان حوالي سان رفيعه ملاح “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو  ته فيصلي تي عمل نه ڪندڙ خانگي اسڪولن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.