باھو کوسو (ن پ ا) بلوچستان جي علائقي ڪٽيل فارم ٿاڻي جي حد ڳوٺ نظام مستوئي ۾ راشن ورهائڻ دوران بدنظمي بعد پوليس برسات متاثرين مٿان فائرنگ ڪري ڏني.  نوريز علي مستوئي زخمي ٿي پيو، جنھن کي سول اسپتال ڊيرا الھيار نيو پئي ويو ته ھو رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو. ڊاڪٽرن پاران نوريز علي مستوئي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو نوريز علي مستوئي جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، واقعي خلاف مستوئي برادري پاران ڪٽيل فارم ٿاڻي جي پوليس خلاف ڊيراالھيار جي مين روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاھرو ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو انھي موقعي تي علي جان مستوئي , پير محمد مستوئي ۽ ٻين چيو ته پوليس بلاجواز فائرنگ ڪري اسان جي نوجوان نوريز علي مستوئي کي گوليون ھڻي قتل ڪيو آھي ھنن مطالبو ڪيو ته ملوث پوليس اھلڪارن مٿان ڪيس داخل ڪري انھن کي گرفتار ڪيو وڃي.