خانپورمھر (ن پ ا) خانپورمھر ٿاڻي جي حد ڳوٺ بچل بوزدار ۾ فصل جي ڀيل تان بوزدار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران لٺيون لڳڻ سبب 25 ورھين جو ضمير بوزدار قتل ٿي ويو، جڏھن ته ٻنھي ڌرين جا 2 ڄڻا نيڪ محمد ۽ امين بوزدار زخمي ٿي پيا، زخمين ۽ مقتول جي لاش کي وارثن اسپتال پهچايو، اطلاع تي پوليس به پهتي، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ان موقعي تي مقتول نوجوان جي والد محمد بچل بوزدار ٻڌايو ھڪ پنجابي جي زمين ڳوٺ ڀرسان پيل آھي، جتي ٻي ڌر جو چوپايو مال ويو، جنھن تان پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن حملو ڪري لٺيون هڻي پٽ کي قتل ڪيو آهي، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف ايس ايچ او خانپورمھر اختيار علي پنھور ٻڌايو ته زمين ۾ چوپايو مال ويو ته فصل جي ڀيل تان بوزدار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿيو، جنھن تان ھڪ ڄڻو ضمير بوزدار قتل ٿيو آهي، علائقي ۾ ڪئمپ قائم ڪئي آهي، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا، پوليس موجب مقتول جا وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪنداسين.