مورو (ن پ ا) مورو شھر ۾ ھلندڙ پلاٽن جي معاملي تڪرار جو نبيرو، ڌريون کير کنڊ ٿي ويون. مورو م گولڊن گراؤنڊ جي معاملي تي ھلندڙ الامين بلڊرز ۽ ايڊووڪيٽ عبدالحميد ميمڻ جي معاملي جو نبيرو ڊاڪٽر اسد الله ڪلھوڙو جي سرپئنچي ۾ لنجار ھائوس مورو ۾ ٿي گذريو جنھن ۾ ٻنھي ڌرين جا مقرر ڪيل امين ويٺا جن ۾ ايڊووڪيٽ عبدالحميد ميمڻ پاران نذير احمد ميمڻ، اظفر سعيد ميمڻ، سابق ڪائونسلر بدر ميمڻ، فھد رضا ميمڻ ۽ انور چوھاڻ امين طور شامل آھن ۽ الامين بلڊرز پاران سيد ڪوڙل شاھ، وڏيرو علي اصغر سولنگي، چوڌري خالد آرائين بدرالدين ميمڻ تاج مسجد، حاجي علي گل چانڊيو شامل ھئا. ان دوران ٻنھي ڌرين جون ڳالھيون ٻڌيون ويون جنھن ڳالھين ۾ ايڊووڪيٽ عبدالحميد ميمڻ ڏوھي ۽ مبينا ٻه ڪروڙ رپيا گھر ڪرڻ واري ڳالهه ثابت ٿيڻ تي تڏي جي معافي گھرندو. جڏھن ته الامين بلڊرز کي پارڪنگ لاءِ چار دوڪان ڇڏڻ جو چيو ويو جنھن بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون.