خانپورمھر (ن پ ا) خانپورمھر لڳ ڳوٺ علي شير ملڪ ۾ ملڪ برادري ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو، لٺيون ء ڪھاڙيو لڳڻ سبب پنج ڄڻا حضوربخش ملڪ، حسين بخش ملڪ، مسمات فاطمه ۽ پپو ملڪ زخمي ٿي پيا، جن کي خانپورمھر جي شيخ ھمدان بن محمد اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل ڪرايو ويو، جڏھن ته زخمين ھڪ عورت مسمات فاطمه ۽ ٻن مردن حضور بخش ملڪ ء حسين بخش ملڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ ڪري کين رحيمار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي، ھوڏانھن زخمين الزام ھڻندي ٻڌايو ته قادر بخش ملڪ، غلام نبي ۽ سومر ملڪ حملو ڪري ٻن عورتن سميت اٺ ڄڻن کي زخمي ڪيو، پوليس ٻڌايو ته واقعو يارو لنڊ ٿاڻي جي حد م پيش آيو آھي،