ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سون جي دڪان مان لکين رپين جا سونا زيور چوري، رنڇوڙ لائين جي سونارا مارڪيٽ ۾ ڏيڍ هفتي دوران ٻي واردات ٿي آهي، جنهن دوران چور هڪ دڪان مان لکين رپين جا سونا زيور ٻهاري ويا. رنڇوڙ لائين جيولرز مارڪيٽ ايسوسيئيشن جي ترجمان جو چوڻ هو ته عيد گاهه ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهن جي شرح مسلسل وڌي رهي آهي. پوليس جهڙي ريت لاڪ ڊائون تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ الرٽ آهي اهڙي ريت ڏوهن کي روڪڻ لاءِ الرٽ ڇو نه آهي؟ ترجمان چيو ته واپاري اڳ ئي پريشان آهن هاڻ چوري عروج تي آهي.