ملير (رپورٽر) ملير شاهه لطيف ٿاڻي جي علائقي گلشن ڪريم ۾ پلاٽن تان تڪرار جي فيصلي دوران ٻن ڌُرين ۾ تلخ ڪلامي بعد فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، پنج ڄڻا زخمي، زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. خبر موجب ملير جي علائقي شاهه لطيف لڳ گلشن ڪريم ۾ پلاٽن تان تڪرار واري فيصلي دوران ٻن ڌُرين ۾ تلخ ڪلامي ٿي پئي، جنهن دوران معاملو بگڙي ويو. ڌُرين پاران سڌي فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب عزير هيسباڻي موقعي تي مارجي ويو، جڏهن ته بلڊر حاجي نظر جوکيو، محمد شير، عمران، نذير سومرو، حاجي حفيظ ٻگهيو گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا. واقعي بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. اهڙي اطلاع تي شاهه لطيف پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ضروري ڪارروائي بعد زخمين ۽ فوتي جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.