اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهين جو ٽيون دور به بنا نتيجي ختم، ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ جي تاريخ تي اتفاق نه ٿي سگهيو، ڪالهه حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي مذاڪراتي ڪاميٽي وچ ۾ اجلاس ٿيو، ڪلاڪن تائين ڳالهين کان پوءِ  ٽيمن پنهنجي قيادت سان مشاورت ڪئي جنهن کان پوءِ ٻيهر اجلاس ٿيو پر ملڪ ۾ هڪ ئي وقت اليڪشن ڪرائڻ جي تاريخ تي اتفاق نه ٿي سگهيو ۽ ڳالهين جو ٽيون دور به بنا نتيجي ختم ٿي ويو ، اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو ته اسان مثبت سوچ سامهون رکي ڳالهيون ڪيون ڳالهين جا ٽي دور ٿي چڪا، اسان اتفاق راءِ طرف وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن ملڪ لاءِ بهتر ٿئي، ڳالهين کي دير جي حربي طور استعمال نه ٿيڻ گهرجي، آئين تحت پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ اسيمبلين جي ٽٽڻ کان پوءِ 90 ڏينهن ۾ چونڊون ٿيڻ گهرجن، پر ڳالهين ۾ اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ اليڪشن هڪ ئي وقت ڪرائڻ جي تاريخ تي اتفاق نه ٿي سگهيو. نگران حڪومتن جي قيام ۽ هڪ ئي ڏينهن چونڊ ڪرائڻ تي اتفاق ٿيو آهي، اسان لکت ۾ معاهدو چاهيو پئي، سپريم ڪورٽ سامهون ڳالهين جو مامرو رکنداسين، سپريم ڪورٽ کي ٻڌائينداسين ته ڳالهيون ناڪام ٿي ويون آهن، پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊون ڪرايون وڃن. ناڻي وزير اسحاق ڊار چيو ته ٻنهي ڌرين مثبت طريقي سان مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، منهنجي نظر ۾ ڳالهين جو نتيجو مثبت آهي، ٻئي ڌريون ان ڳالهه تي اتفاق ڪري چڪيون آهن ته ملڪ اندر سمورين اسيمبلين جي هڪ ئي وقت چونڊ ٿيڻ گهرجي ان ۾ ئي بهتري آهي،  ڳالهين جو ٻيو مثبت نتيجو اهو آهي ته جڏهن به تاريخ طئي ٿيندي ته صوبن ۽ وفاق ۾ نگران حڪومتون هونديون، سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ جو اهو مقصد آهي ته آڱريون نه کڄن، اگر پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ اليڪشن ٿئي ها ته سنڌ، بلوچستان ۽ وفاقي حڪومت موجود هجي ها، هن چيو ته هاڻي جيڪو مامرو آهي اهو چونڊون ڪهڙي تاريخ تي ٿين ان تاريخ جو تعين ٿيڻ آهي، ان حوالي سان ٻنهي ڌرين جون پنهنجون پنهنجون تاريخون آهن، ان حوالي سان في الحال لچڪ آئي آهي باقي ڪنهن هڪ نتيجي تي نه پهتا آهيون. پي ٽي آءِ کي به پنهنجي قيادت سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻي آهي اسان کي به ڳالهه ٻولهه ڪرڻي آهي. هن چيو ته چونڊن جي تاريخ جي حوالي سان ڪيتريون ئي شيون اسان جي سامهون آهن جن ۾ هڪ ملڪ کي ايندڙ نئين سال جي بجيٽ گهرجي، آءِ ايم ايف جو رويو گهرجي، انهن شين لاءِ چونڊن جي تاريخ جو تعين ٿورو ڪامپليڪيٽيڊ آهي، اسان جيتري لچڪ ڏيکاري سگهون ٿا اها ڏيکاري  آهي هنن به لچڪ ڏيکاري آهي، ان خلوص سان ٻئي ڌريون هلنديون ته اميد آهي ته مامرو حل ٿي ويندو، اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو ته ٻنهي ڌرين طرفان پيش رفت مثبت ٿي آهي، اسان ڳالهين ۾ اهو چيو آهي ته چونڊن جو جيڪو به نتيجو هوندو ڌريون نتيجن کي قبول ڪنديون.