اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ کي واضح جواب ڏئي ڇڏيو آهي ته 14 مئي تي پنجاب ۾ اليڪشن ڪرائڻ ناممڪن آهي. تفصيل موجب اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ 3 رپورٽون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن، جڏهن ته اعليٰ عدليه به ان معاملي تي وڌيڪ ٻڌڻي لاءِ ڪا تاريخ مقرر نه ڪئي آهي. اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل پنهنجن رپورٽن ۾ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ پاران مقرر ڪيل تاريخ تي گهربل انتظام مڪمل ڪرڻ ڪنهن به صورت ممڪن ناهن، انتظام مڪمل نه هجڻ ڪري 14 مئي تي پنجاب ۾ چونڊون نٿيون ڪرائي سگهجن، اليڪشن ملتوي ڪرڻ يا نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ وڌيڪ ٻڌڻي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي طلب ناهي ڪيو، چيف جسٽس عمرعطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ گذريل مهيني 4 اپريل تي پنجاب اسيمبلي لاءِ 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو هو.