اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت کنڊ جي ريٽيل ۽ ايڪس مل قيمت 1 رپيا 26 پيسا في ڪلو وڌائي ڇڏي، کنڊ جي ريٽيل قيمت 88.24 مان وڌائي 89.50 في ڪلو ڪئي وئي، حڪومت سرڪاري ريٽيل قيمت تي کنڊ جي فراهمي ۾ عملدرآمد ۾ به ناڪام ٿي وئي، شهري ريٽيل قيمت کان به 22 رپيا ڪلو مهانگي کنڊ خريدڻ تي مجبور آهن، شماريات کاتي موجب ملڪ ۾ کنڊ 102 کان 110 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي، ڪراچي، اسلام آباد سميت سمورن وڏن شهرن ۾ کنڊ 110 رپيا ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳي.