ڪوٽڏيجي ۾ مئل جانورن جو گوشت وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف، ڪاسائي گرفتار

0
234

ڪوٽڏيجي (ن پ ا) ڪوٽڏيجي ۾ مئل جانورن جو گوشت وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف، پوليس اطلاع ملڻ تي ڪارروائي ڪري هڪ ڪاسائي کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته ڳوٺاڻي شڪايت ئي ته ڪاسائي سندس مئل پاڏو جو گوشت زبردستي کڻي وڃي رهيا آهن، اهڙي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي ۽ مئل جانور جي گوشت جو وڪرو روڪي ورتو، گرفتار ڪاسائي شاهد پنجابي کان پڇاڳاڇا جاري آھي.