اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي وزير منصوبا بندي احسن اقبال چيو آھي ته سعودي عرب جلد پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو، ِن حوالي سان وزير اعظم شھباز شريف جلد سعودي عرب جو دورو به ڪندو، جنھن بعد سعوي ولي عھد جي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جا پڻ امڪان آھن. بزنس سمٽ کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته يو اي اي، ڪويت، قطر سان به ڳالھيون جاري آھن، هن چيو ته  سيڙپڪاري لاءِ ايس آءِ ايف سي جو ڪردار انتھائي تعريف جوڳو آھي. پاڪستان ايندڙ ست کان اٺ سالن ۾ برآمدات 100 ارب ڊالر تائين کڻي ويندو ته ٽيڪ آف ڪري ويندو. هن چيو ته ڪنھن به ملڪ جي ترقي لاءِ امن، استحڪام ۽ پاليسيز جو تسلسل ضروري آھي. گھٽ ۾ گھٽ 10 سال تسلسل ھجڻ گھرجي. وفاقي وزير چيو ته 7 سيڪڙو معاشي گروٿ سان 2047 تائين پاڪستان 2 ھزار ارب ڊالر جي معيشت بڻجي سگھي ٿو، حڪومت قدم کڻي رھي آھي. احسن اقبال چيو ته پاڪستان ۾ 2017 کانپوءِ حڪومت جي تبديلي سان سڀ کان پھريون سي پيڪ کي نشانو بڻايو ويو، جنھن سبب ملڪ کي ڪافي نقصان ٿيو، پاڪستان کي ايندڙ ٽن سالن ۾ 70 ارب ڊالر ادا ڪرڻا آھن، پاڪستان جو ساليانو روينيو 7 ھزار ارب گھربل آھي، ھن سال اسان قرضن جي ادائگي لاءِ 8 ھزار ارب گھربل آھن. قرضن جي ادائگي ۾ به ھڪ ھزار ارب خسارو آھي. پينشن جي بجيٽ 800 ارب ۽ حڪومتي معاملا ھلائڻ لاءِ 700 ارب رپيا آھن. جڏھن ته سبسديز لاءِ 900 ارب، دفاعي خرچن لاءِ 1800 ارب روپيا آھن. صوبن کي منتقلي جي مد ۾ 1200 ارب روپيا خرچو آھي، حڪومت سمورا خرچ قرض کڻي ادا ڪري رهي آهي.