ڪراچي:  ايران جي صدر ابراهيم رئيسي جي ڪراچي پھچڻ تي وڏي وزير سيد مراد شاهه، گورنر ڪامران ٽسوري، پ پ ايم اين اي آصفه ڀٽو   ۽ صوبائي وزيرن شاندار آجيان ڪئي *  ايراني صدر مزار قائد تي پهچي حاضري ڏني ۽ گلن جي چادر چاڙهي، ان موقعي تي هن تاثراتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات لکيا* وزيراعليٰ هائوس جي اڱڻ ۾ ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ 900 کان وڌيڪ معزز شخصيتن شرڪت ڪئي. ايراني صدر ابراهيم تقريب کي تاريخي خطاب پڻ ڪيو*  ايراني صدر بزنس ڪائونسل سان لاڳاپيل وفد سان به ملاقات ڪئي، ايراني صدر جي آمد تي شهر ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي، ايراني صدر جي آمد تي شاهراهه فيصل جي ٻنهي ٽريڪس کي ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو، ايئرپورٽ کان پي آءِ ڊي سي تائين روڊ مڪمل طور بند رهيو، شاهراهه قائدين ۽ ڊاڪٽر ضياءَ الدين روڊ به ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو، ايم اي جناح روڊ جا به ٻئي ٽريڪس گرو مندر کان گارڊن چوڪ تائين بند ڪيا ويا، شهرين کي متبادل رستا استعمال ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو، ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ موبائل فون سروس به بند رهي.