اسلام آباد (م ڊ) نواز ليگ صدر حڪومتي بجيٽ جي مقابلي ۾ پنهنجي بجيٽ آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، شهباز شريف اسلام آباد ۾ پارٽي جي ٿيل پري بجيٽ سيمينار کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب دوران پي ٽي آءِ حڪومت جي معاشي پاليسين کي ناڪام قرار ڏنو ۽ چيو ته هن حڪومت جي ٽن سالن ۾ مهانگائي عام ماڻهن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، بيروزگاري ۾ بي پناهه اضافو ٿيو آهي، ڪروڙين ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ هليا ويا آهن، هڪ عام خاندان لاءِ زندگي سان پنهنجو رشتو جوڙڻ مشڪل ٿي چڪو آهي، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته نواز شريف جي حڪومت ۾ 2 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو ويو هو، پر هن حڪومت 2 ڪروڙ ماڻهن کي ٻيهر غربت جي لڪير کان هيٺ اماڻي ڇڏيو آهي، ملڪ جي 8 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ هلي وئي آهي جنهن جو جواب ڪير ڏيندو؟ وزيراعظم کي معيشت جي الف بي جو به معلوم ناهي، هن چيو ته چونڊون چوري ٿينديون ته پوءِ گردشي قرض وڌندا، اسان جي دور ۾ گردشي قرض 1150 ارب رپيا هو، هن دور ۾ 2150 ارب رپين کان وڌي چڪو آهي، لڳي ٿو ته اهو گردشي قرض 3 هزار ارب تائين پهچندو، اسان جي دور ۾ 50 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ بجلي جو اگهه 3 رپيا 70 پيسا هو، هاڻي 6 رپيا آهي، ٽيوب ويل لاءِ اگهه 5 رپين مان وڌي 12 رپيا ٿي چڪو آهي، احسن اقبال چيو ته اسان 4 سالن ۾ 11 هزار ميگاواٽ بجلي جا منصوبا لڳايا، نواز ليگ ڊگهي مدي جو پلان ٺاهيو، عمران خان جهڙي سيکڙاٽ کي مڙهي نقصان پهچايو ويو، اڳوڻي ناڻي وزير اسحاق ڊار چيو ته 2013ع جي اليڪشن کان پهريان پاڪستان کي 6 کان 7 مهينن اندر ڊفالٽ ڪري وڃڻ جو خطرو هو، ان وقت ملڪ ۾ انتهاپسندي ۽ دهشتگردي عروج تي هئي، 20 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي، اسان آءِ ايم ايف سان چئن هفتن ۾ پروگرام ڪري ورتو هو، سياسي استحڪام کانسواءِ معاشي استحڪام ڪنهن به صورت ۾ ممڪن ناهي، مسلم ليگ (ن) پي ٽي حڪومت جي معاشي پاليسين ۽ ڪارڪردگي بابت وائيٽ پيپر به جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ٽن سالن ۾ هن حڪومت 50 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪيو آهي، مجموعي طور تي بيروزگار ماڻهن جو تعداد 85 لک آهي، هن حڪومت ۾ ڪڻڪ جي اٽي جو ڪلو 70 رپيا ۽ کنڊ 110 رپين تي پهچي وئي آهي، مهانگائي جي شرح 2020ع ۾ 10.76 سيڪڙو، 2021ع ۾ 8.84 سيڪڙو تي پهتل آهي، هي حڪومت روينيو وڌائڻ ۾ ناڪام رهي، دفاعي خرچن جو حصو هن حڪومت جي درو ۾ مسلسل گهٽ ٿيو، جديد ترين دفاعي سامان جي فراهمي لاءِ وسيلن جي گنجائش گهٽ ٿي وئي.