اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اپوزيشن هر مامري تي مونجهاري جو شڪار آهي، مخالف ڌر هڪ طرف چوي ٿي ته بجيٽ منظور ٿيڻ نه ڏينداسين ته ٻئي طرف بجيٽ تي سيمينار ڪري رهي آهي، جيڪڏهن مخالف ڌر پارليامينٽ ۾ اچي ۽ چونڊ سڌارن سميت آئيني ذميواريون پوريون ڪري ته اهو عمل خوش آئينده هوندو، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو آهي ته مخالف ڌر جي قابل عمل تجويزن تي ضرور غور ڪيو ويندو. جڏهن ته سڌ سماءَ جي وفاقي وزير بار ڪائونسل جي وفد سان ملاقات ڪندي چيو ته اهڙي چونڊ چاهيون ٿا جنهن تي ڪو به آڱر کڻي نه سگهي، وڪيلن کي به چونڊ سڌارن بابت پنهنجي راءِ ڏيڻ گهرجي، راولپنڊي، ملتان، اسلام آباد جون بار ڪائونسلون فيصل آباد بار ڪائونسل وانگر پنهنجون چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي ڪرائي سگهن ٿيون، پاڪستان جو مفاد مقدم آهي.