حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي نئين ايس ايس پي ساجد عامر سدوزئي چارج وٺي ڇڏي آهي جڏهن ته اڳوڻو  ايس ايس پي عبدالسلام شيخ چارج ڇڏي سي پي او رپورٽ ڪرڻ لاءِ روانو ٿي ويو آهي. آءِ جي سنڌ هڪ آرڊر تحت ايس ايس پي حيدرآباد عبدالسلام شيخ کي بدلي ڪري سندس جاءِ اينٽي وائيولنس سيل ڪراچي جي رينج جي ايس ايس پي ساجد عامر سدوزئي کي حيدرآباد جو نئون ايس ايس پي مقرر ڪيو هو. ساجد عامر سدوزئي آچر ڏينهن حيدرآباد پهتو ۽ چارج سنڀالي پنهنجو ڪم شروع ڪيو. بدلي ٿيل ايس ايس پي کي ايس پي هائوس ۾ الوداعي پارٽي ڏني وئي جنهن ۾ بدلي ۽ نئين مقرر ٿيل ايس ايس پيز شرڪت ڪئي جڏهن ته ايس پي هيڊڪوارٽر انيل حيدر، اي ايس پي ڪينٽ، اي ايس پي سٽي، مختلف علائقن جي ڊي ايس پيز ۽ ايس ايچ اوز شرڪت ڪئي.