اسلام آباد (بيورو)  پيپلز پارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري فيصل ڪريم ڪنڊي مولانا فضل الرحمان کي 10 سوالن  جو جواب ڏيڻ جو چيلينج ڏنو هو، جنهن جي جواب ۾ جي يو آءِ (ف) سنڌ جي سيڪريٽري جنرل مولانا راشد محمود سومري پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي 11 سوالن جو جواب ڏيڻ جو چيلينج ڏئي ڇڏيو آهي، جي يو آءِ جي مرڪزي سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل بيان ۾ جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل راشد محمود سومري چيو آهي ته جيڪڏهن بلاول ڀٽو ۾ اخلاقي جرئت آهي ته 11 سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ ڪنهن به پليٽ فارم تي اچي ٻڌائي ته سينيٽ اليڪشن ۾ سموري اپوزيشن جي چوڻ باوجود ميان رضا رباني جيڪو بنا مقابلي چيئرمين ٿي رهيو هو ان کي ڪنهن جي چوڻ تي سينيٽ چيئرمين نه بڻايو ويو ۽ صادق سنجراڻي کي ڪنهن جي چوڻ تي چيئرمين چونڊرايو ويو، بلاول ڀٽو اهو به ٻڌائي ته چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي خلاف عدم اعتماد جي رٿ انهن ڪنهن جي چوڻ تي ناڪام ڪرائي، 2018ع جي چونڊن کان پوءِ وزيراعظم جي چونڊ ۾ شهباز شريف کي ڪنهن جي چوڻ تي پيپلزپارٽي ووٽ نه ڏنو، اهو به ٻڌايو وڃي ته صدارتي اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي مولانا فضل الرحمان جي مقابلي ۾ پنهنجو اميدوار اعتزاز احسن ڪنهن جي چوڻ تي بيهاريو هو ۽ صدارتي اليڪشن جي رات بلال ڀٽو جي والد مولانا فضل الرحمان کي ڪهڙيون مجبوريون ٻڌائي معذرت ڪئي هئي، بلال اهو به ٻڌائي ته پي ڊي ايم جي تحريڪ کي استعيفائن ۽ لانگ مارچ مان عدم اعتماد جي رٿ طرف ڪنهن جي خواهش تي موڙيو ويو، پيپلز پارٽي جي سي اي سي جو اجلاس ڪنهن جي خواهش تي بار بار ملتوي ڪيو ويو ۽ پوءِ آخر ۾ پي ڊي ايم اجلاس کان 2 راتيون پهريان ڪنهن سان ملاقات ڪري استعيفائون ڏيڻ کان باضابطه طور تي انڪار ڪري پي ڊي ايم جي تحريڪ جي ڪک ۾ ڪنهن جي چوڻ تي ڇرو هنيو ويو، بلاول ڀٽو ٻڌائي ته قومي اسيمبلي ۾ اڪثريت نه هجڻ باوجود يوسف رضا گيلاني ڪنهن جي مدد سان سينيٽر چونڊيو ۽ سينيٽ ۾ اڪثريت هجڻ باوجود يوسف رضا گيلاني سينيٽ چيئرمين جي اليڪشن ڪنهن جي چوڻ تي هارائي ويو، ڊَپٽي چيئرمين سينيٽ جي اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي پي ڊي ايم جي اميدوار مولانا غفور حيدري کي ڪنهن جي چوڻ تي ووٽ نه ڏنو، بلاول ڀٽو اهو به ٻڌائي ته سنڌ جا وسيلا ملٽي نيشنل ڪمپنين کي ڪنهن جي چوڻ تي ۽ ڪيتري ۾ وڪرو ڪيا ويا آهن، 2018ع جي اليڪشن جي رات بلاول پنهنجي اباڻي تڪ لاڙڪاڻي جي سيٽ تي عبرتناڪ شڪست کان بچڻ ۽ جي يو آءِ پاران کٽيل سيٽ ان کان کسڻ لاءِ ڪيتري رقم ڪنهن کي ڪٿي ۽ ڪنهن جي هٿان ڏني وئي هئي.