اڪري چودڳي (ن پ ا) پنج ڏينهن اڳ بي دردي سان قتل ٿيل آصف شر جا قاتل گرفتار نه ٿيا، نه ئي قتل ڪرڻ جو  سبب معلوم ٿي سگهيو. پوليس وارثن جي نشاندهي تي ٻن ڄڻن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڇڏي آهي پٽ جي قاتلن جي گرفتاري ۽ انصاف نه ملڻ تي مقتول آصف شر جي امڙ پينگهي ۾ قرآن پاڪ لوڏي قاتلن کي پٽون ۽پاراتا ڏيڻ لڳي. مقتول آصف شر جي امڙ موجب منهنجي درويش فقير صفت پٽ کي بي دردي سان قتل ڪيو ويو آهي جنهن جي ڪنهن سان ڪابه دشمني نه هئي ظالمن کيس اذيتون ڏيڻ ۽ تذليل ڪرڻ بعد ڳلو ڪپي ماري ڇڏيو. هوڏانهن مقتول آصف شر جي وارثن سان تعزيت لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ شر اتحاد پاڪستان جي اڳواڻن ۽ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن پهچي تعزيت ڪئي. ان موقعي تعزيت لاءِ آيل نياز احمد شر، محمد ملوڪ شر، عبدالوحيد رند، جنرل سيڪريٽري تحريڪ انصاف سنڌ آصف رند، عبدالستار شر، قربان علي جوڳي ۽ طارق حسين رند ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نوجوان کي بيدردي سان بيگناهه قتل ڪري لاش جي تذليل ڪرڻ انسانيت سوز واقعو آهي. ان جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي هنن مقتول نوجوان جي وارثن کي قاتلن جي گرفتاري ۽ انصاف ڏيارڻ ۾ مدد جي ڀرپور خاطري ڪرائيندي چيو ته وارثن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي.