حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ٻن ڪارن جي ريسلنگ دوران هڪ ڪار جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ آبپاشي کاتي جو ڊرافٽس مين 45 سالن جو جنيد احمد شيخ ٿڏي تي فوت ٿي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته آبپاشي کاتي جي پڃاري سرڪل ۾ مقرر جنيد احمد شيخ پنهنجي 14 سالن جي نياڻي عليشا کي موٽرسائيڪل تي سوار ڪري کيس ٽيوشن تي ڇڏڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته لياقت روڊ تي گل سينٽر کان ايندڙ هڪ تيز رفتار ڪار کيس ٽڪر هنيو، نتيجي ۾ هو ٿڏي تي فوت ٿي ويو، موٽرسائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ عليشا زخمي ٿي پئي، اکين ڏٺن شاهدن مطابق ڪارون ڪاليج جا شاگرد هلائي رهيا هئا ۽ هڪ ڪار اڳيان ويندڙ ڪار کي ڪراس ڪرڻ دوران تيز رفتاري سان موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجي وئي، موٽرسائيڪل کي ٽڪر هڻندڙ ڪار سوارن فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي آبپاشي کاتي جي ملازمن ۽ ڪجهه ٻين ماڻهن مڙسي ڪري ڪار سوار هڪ شاگرد عبدالله ۽ سندس ساٿي کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، گرفتار ٻنهي ڄڻن کي ڪينٽ ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن معلوم ٿيو آهي ته ڪينٽ پوليس حراست ۾ ورتل ٻنهي شاگردن کي هڪ بااثر شخص جي ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو. ڪينٽ پوليس جي ايس ايڇ او مطابق ٿاڻي تي ڪو به شاگرد حراست ۾ ورتل نه آهي.