ڪنڊيارو(ن پ ا) ٻه مهينا اڳ ڪنڊيارو لڳ ڳوٺ نبي بخش مڱريو ۾ اوطاق تي خاصخيلي، مري ۽ مڱريا برادري ۾ ٿيل خوني تڪرار جي خاتمي لاءِ آل پارٽيز الائينس ۽ شهرين پاران مولانا عبدالعليم گهانگهرو، سيد عابد علي شاهه، انور سولنگي، محبوب ابڙو، مختيار رند، ظفر کوسو، مولانا محمد رمضان خاصخيلي، عبدالستار ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميڙ منٿ قافلو ڳوٺ ميرل خاصخيلي ۾ قتل ٿي ويل نور محمد خاصخيلي جي وارثن وٽ پهتو، جتي مقتول جي وارثن پاران فيصلي لاءِ راضپو ظاهر ڪيو ويو. جڏهن ته ميڙ منٿ قافلو نبي مڱريو ۾قتل ٿي ويل عمران مڱريو جي وارثن وٽ پڻ پهتو، جتي مقتول جي وارثن پاران فيصلي لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي، بعد ۾ قافلو مبينا قتل ٿي ويل ضمير مري ۽ قلندر بخش جي وارثن وٽ پهتو، جتي ويل قلندر بخش مري ۽ ضمير مري جي وارثن مري قافلي جي اڳواڻن کي چيو ته هو في لحال فيصلو نه ڪندا، پهريان ڪيس ۾ نامزد روپوش جوابدارن گرفتاري ڏين پوءِ فيصلي لاءِ سوچينداسين.