گاجي کهاوڙ (ن پ ا) گاجي کهاوڙ لڳ پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي، پيرسن فوت، وارثن جو احتجاج، سندن چوڻ آهي ته پوليس جي تشدد ۽ خوف سبب پيرسن فوت ٿيو آهي. خبر موجب ڳوٺ غني چانڊيو ۾ پوليس خاشو چانڊيو جي گهر تي چڙهائي ڪئي، جنهن دوران صدمي ۾ پيرسن صدورو چانڊيو فوت ٿي ويو، ان ڏس ۾ پيرسن جي وارثن پوليس تي کيس مارڻ جو الزام هنيو. فوتي پيرسن جي پٽ خاشو چانڊيو ۽ ابراهيم چانڊيو احتجاج ڪندي چيو ته گاجي کهاوڙ پوليس گذريل رات دير سان اسان جي گهرن ۾ داخل ٿي، جنهن دوران خوف حراس ۽ تشدد سبب پيرسن صدورو چانڊيو فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته پوليس حراسمينٽ ڪري اسان کي ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڇاپا هڻي ٿي ۽ پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي. هنن چيو ته هڪ سال اڳ جوابدارن اسانجي همراه ذوالفقار چانڊيو کي قتل ڪيو هو، ان ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو ويو. ٻئي طرف گاجي کهاوڙ پوليس جو چوڻ آھي ته هنن جو همراه اڳ ۾ ئي بيمار هو، سندن گهرن مٿان ڪا به چڙهائي نه ڪئي آهي، الزام اجايا آهن.