ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي جھمپير سميت سمورن ماڳن مڪانن ۽ پڊن تي ڏڪاري حالتون پيدا ٿيڻ سان گڏ ونڊ پراجيڪٽ ڪمپنين پاران سي ايس آر فنڊ خرچ نه ڪرڻ تي ڪوھستان واسين 20 مئي کان مرحليوار احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪوھستان واسين اسد گوپانگ، سلطان شوري، رشيد درس، احمد سولنگي، مير خان شوري ۽ ٻين پريس ڪلب ٺٽو پھچي جدوجھد جو اعلان ڪندي چيو ته ڪوھستان جا مسئلا حل نه ٿيڻ تائين احتجاجي تحريڪ جاري رهندي.