حيدرآباد ۾ پاڻ کي اغوا ڄاڻائي وارثن کان 8 لک رُپيا ڀُنگ گهرندڙ نوجوان دوست سوڌو گرفتار

0
284

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ پاڻ کي اغوا ڄاڻائي وارثن کان 8 لک رُپيا ڀُنگ گهرندڙ نوجوان دوست سوڌو گرفتار، نوجوان احمد رضا وارثن ڏانهن اُماڻيل وڊيو ۾ پاڻ کي مغوي ڄاڻائي بازيابي لاءِ 8 لک رُپيا ڀُنگ گهريو هو

 وارثن جي اطلاع تي پوليس ڪارروائي ڪري ايوب ڪالوني مان نوجوان کي هٿ ڪري ورتو، جاچ دوران نوجوان طرفان قرض ڀرڻ لاءِ اغوا جو ڊرامو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو ويو

پوليس موجب نوجوان پنھنجي وارثن کي فون ڪرايو تھ اغوا ٿي ويو آهيان، 8 لک رپيا ڀُنگ اماڻيو، بينڪ جي قرض کان بچڻ لاءِ ھُن اھڙو ڊرامو ڪيو، نوجوان احمد رضا پاران بئنڪ جي قرض کان بچڻ لاءِ اغوا جي ڊراميڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو آھي، وڌيڪ جاچ جاري آھي

ھي به پڙھندا

ايس ايڇ او ڦليلي سان ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ڪئي، رشوت گهرڻ واري آڊيو ڪوڙي آهي: نسيم پنهور  جو وڊيو بيان