حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حالي روڊ جي ڳوٺ لالو ماڇي ۾ ملاح ۽ شيخ ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ڇڏيو آهي. حالي روڊ پوليس جو چوڻ آهي ته ڳوٺ لالو ماڇي ۾ سلمان ملاح نالي شخص پنهنجي گهر جو تعميراتي ڪم ڪرائي رهيو هو جنهن تي ناظم شيخ ۽ اعظم شيخ اعتراض واريو ته هو سندن گهرن ڏانهن ڪمري جون دريون نه رکي. پوليس موجب ٻنهي ڌرين ۾ منهن ماري بعد شيخ برادري جي اعظم شيخ فائرنگ ڪئي جنهن دوران سلمان ملاح گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو جنهن کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري هڪ جوابدار اعظم شيخ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.