حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي شهري علائقن ۾ رمضان المبارڪ دوران عام واهپي جي شين جا اضافي اگهه وٺندڙ دڪاندارن خلاف ڪارروائي ڪندي ڏنڊ وصول ڪيا ويا آهن. مختيارڪار سٽي ابوبڪر سڌايو فقير جي پڙ ۽ ٻين هنڌن تي ڪارروائي ڪري 10 هزار کان وڌيڪ ڏنڊ وصول ڪيو جڏهن ته فقير جي پڙ واري چوڪ، مختلف بازارن مان حددخليون پڻ هٽايون ويون. مختارڪار پاران مختلف ڊيرين تي ڇاپا هڻي کير جا وڌيڪ اگهه وٺڻ تي پڻ ڏنڊ وصول ڪيا آهن.