حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حالي روڊ واري علائقي ۾ هڪ هفتي کان بجلي جو ٽرانسفارمر سڙيل هئڻ خلاف علائقي واسي رستن تي نڪري آيا. سبزي مارڪيٽ چوڪ وٽ شهرين ٻارن سميت روڊ تي ٽائر ساڙي حيسڪو حالي روڊ جي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي. علائقي واسين عمران، يوسف ۽ ٻين ٻڌايو ته هفتو اڳ بجلي جو ٽرانسفارمر خراب ٿيو جنهن جو اطلاع حيسڪو حالي روڊ جي انتظاميا کي ڏنو. اهي ٽرانسفارمر ٺاهڻ لاءِ کڻي ويا آهن پر اڃا تائين سندن ٽرانسفارمر جي مرمت نه ڪئي وئي آهي. علائقي واسين موجب بجلي نه هئڻ سبب پيئڻ جي پاڻي جو پڻ بحران پيدا ٿي ويو آهي. بار بار دانهڻ باوجود حيسڪو انتظاميا تدارڪ نٿي ڪري. شهرين الزام هنيو ته ٽرانسفارمر جي مرمت لاءِ حيسڪو جا عملدار مبينا طور کانئن رشوت طلب ڪري رهيا آهن ۽ نه ئي ڏيڻ تي سندن علائقي جي بجلي بحال نٿي ڪئي وڃي. هنن حيسڪو چيف ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي سندن علائقي جي بجلي بحال ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ حيسڪو چيف آفيس جي گهيراءُ ڪندا.