ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران ٻئي ڏينهن به ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ منشيات جي سرعام وڪري خلاف اسٽيشن روڊ تي ايس يو پي جي ضلعي صدر ذوالفقار پپو ڀرڳڙي ، سليم هاليپوٽو، سجاد ڳاهو، پير اڪبر جان سرهندي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي ويئي، ان موقعي تي ايس اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٽنڊو محمد خان ضلعي اندر منشيات نوجوان نسل کي تباھ ڪري رهي آهي. منشيات جو سرعام وڪرو ٿي رهيو آهي. آفيم، هيروئن، آئيس سميت مختلف منشيات جو ڪاروبار وڌي ويو آهي ، جنهن سبب نوجوان نسل وڌ کان وڌ منشيات جو عادي ٿيندو پيو وڃي، جيستائين ٽنڊو محمد خان ضلعي مان منشيات جو خاتمو نٿو ٿئي تيستائين احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو. جڏهن ته علامتي بک هڙتالي ڪئمپ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڪارڪنن پهچي مڪمل حمايت جو پڻ اعلان ڪيو.