حيدرآباد (بيورو رپورٽ) صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو چيو آهي ته سنڌ سرڪار ڪورونا کان عوام کي بچائڻ لاءِ سنجيده آهي ان لاءِ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ بهتر انتظام ڪيا پيا وڃن. حيدرآباد پهچي شهباز هال ۾ ضلعي انتظاميا سان ڪووڊ جي حوالي سان گڏجاڻي دوران ڪمشنر صوبائي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته جاگرافيائي لحاظ کان حيدرآباد اهم ضلعو آهي جتي ڪراچي ۽ ٻين شهرن کان ماڻهن جي اچ وڃ تمام گهڻي آهي ان ڪري حيدرآباد ۾ ڪووڊ جا ڪيس وڌي رهيا آهن جنهن ڪري ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو پيو وڃي. گڏجاڻي ۾ لياقت يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر بيکا رام ٻڌايو ته حيدرآباد جي ڪجهه مريضن ۾ يو ڪي ويرينٽ موجود آهي جيڪو تمام تيزي سان ڦهلجندو آهي. يو ڪي ويرينٽ ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ٿيو آهي ۽ وائرس جو ڦهلا تيز هجڻ سبب هو هنگامي بنيادن تي ڪم ڪري رهيا آهن. ڊي ايڇ او تجويز ڏني ته گذريل سال وانگر ٻين شهرن ۾ موجود اسپتالن ۾ به ڪووڊ وارڊز فعال ڪيا وڃن ته جيئن حيدرآباد تان بار گهٽجي سگهي. ٻئي پاسي ڊويزنل ڪمشنر لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن ۾ ڪووڊ وارڊز وڌايا وڃن ۽ آڪسيجن جي فراهمي ۽ وينٽيليٽرز جي سهولت به فراهم ڪئي وڃي جڏهن ته اسپتالن ۾ ڊاڪٽرز ۽ پيرا ميڊڪل عملي جي 24 ڪلاڪ موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي.