حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ديهه گدو جي 3 ايڪڙ زمين تي قبضي خلاف داخل توهين عدالت جي درخواست تي ايڊيشنل رجسٽرار کي ڄاڻايلا يراضي ۽ ڀرپاسي واري زمين جي سروي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي دريائي ٻوڏ واري علائقي ۾ قائم 22 رهائشي ۽ ڪمرشل اسڪيمن خلاف ڪارروائي ڪري 15 ڏينهن بعد رپورٽ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ جي جسٽس ذوالفقار احمد خان جي سنگل بئنچ لطيف آباد يونٽ نمبر 10 سان تعلق رکندڙ مسمات فرح يوسفزئي ۽ عيني سعديه يوسفزئي پاران ايڊووڪيٽ ريحانه صديقي معرفت ناصر پٺاڻ، فرحان مشرف عرف ڪالا ۽ عارف ميمڻ خلاف قبضي جي ڪيس ۾ داخل توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواست گذار ٻڌايو ته 1980ع کان ديهه گدو جي سروي نمبر 226 ۾ 3 ايڪڙ 28 گهنٽا زرعي زمين سندن والد رضا احمد يوسفزئي جي نالي تي آهي جيڪا 3 نومبر 2011ع دوران زرعي استعمال لاءِ درخواست گذارن کي الاٽ ٿيل آهي، جڏهن ته ڄاڻايل زمين ڀرسان 10 ايڪڙ تي مشتمل قبرستان به آهي. ان کان اڳ لاڳاپيل عدالت پهرين جون 2018ع تي حڪم ڏنو هو ته ڄاڻايل ايراضي جي ڇيڙ ڇاڙ نه ڪئي وڃي ۽ معاملو جيئن آهي تيئن برقرار رهڻ ڏنو وڃي پر عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندي ڄاڻايل علائقي ۾ نمرا نالي هڪ هائوسنگ اسڪيم ٺاهي پئي وڃي، جڏهن ته 11 اپريل 2014ع تي اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ڦليلي بند سب ڊويزن ڊائريڪٽر بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ايڇ ڊي اي کي هڪ خط لکي نشاندهي ڪئي وئي هئي ته سنڌو درياهه جي گدو مل بند، ڄامشورو بند، لطيف آباد ۽ قاسم آباد جي ٻوڏ وارن علائقن ۾ ڪيتريون ئي ڪمرشل ۽ رهائشي اسڪيمون تعمير ڪيون پيون وڃن جن ۾ 22 رهائشي ۽ ڪمرشل منصوبن جا نالا به لکيا ويا هئا. خط ۾ اسسٽنٽ انجنيئر اهو به ڄاڻايو هو ته ڄاڻايل اسڪيمن جي تعمير بابت آبپاشي کاتي کان به اجازت نه ورتي وئي آهي ان لاءِ ڄاڻايل اسڪيمن جو ڪم بند ڪرائي انهن خلاف بلڊنگ ڪنٽرول آرڊيننس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي پر ڄاڻايل خط کي ڪا به اهميت نه ڏني وئي آهي. درخواست گذار جي وڪيل ٻڌايو ته 2018ع ۾ عدالتي حڪم جي ابتڙ درخواست گذارن جي زرعي زمين تي پلازه جي تعمير ڪئي پئي وڃي، جيڪو عمل توهين عدالت آهي. عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته درخواست گذارن جي زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪندڙ شخص عدالت ۾ ڇو نه پيش ٿيا آهن؟ عدالت بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او کي حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تي ڄاڻايل زمين تي اسڪيمون تعمير ڪرائيندڙ ٽنهي بلڊرز کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. عدالت تفصيلي فيصلي ۾ ايڊيشنل رجسٽرار کي حڪم ڏنو آهي ته درخواست گذار جي ايراضي ۽ ڀرپاسي واري زمين جي سروي ڪري رپورٽ جمع ڪرائي. گڏوگڏ عدالت مختيارڪار لطيف آباد ۽ سيٽلمينٽ سروي کاتي جي لاڳاپيل عملدارن کي پڻ حڪم ڏنو آهي ته هو ايڊيشنل رجسٽرار جي معاونت ڪن جڏهن ته عدالت سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ريجنل ڊائريڪٽر کي فيڪس ذريعي تفصيلي حڪم جاري ڪندي پڇاڻو ڪيو آهي ته 11 اپريل 2014ع تي اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ڦليلي بند سب ڊويزن پاران فلڊ زون ۾ ٿيندڙ تعميرات روڪرائي اتي غيرقانوني طور اسڪيمون قائم ڪندڙ ماڻهن خلاف ڪارروائي ڇو نه ڪئي وئي ان بابت به ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت کي آگاهي ڏني وڃي. عدالتي حڪم موجب دريائي پيٽ ۽ بچاءُ بند ڀرسان عارف بلڊرز اينڊ ڊولپرز، بسم الله سٽي، الرحمان سٽي هائوسنگ اسڪيم، ڪوهسار گري سٽي، المدينه سٽي، الرحيم سٽي، ڪوهسار گرين سٽي، شاپس اينڊ فليٽس، شاهه لطيف ريزيڊنسي، عمار سٽي، نقاش ون، نقاش ٽو، پرل ريزيڊنسي، الڪريم اسڪيم، عاليان سٽي، ڪوهسار هيون سٽي، گرين ٽاور سٽي، صاحبه هائوسنگ اسڪيم، طيبي ميٽر هائوسنگ اسڪيم، بسم الله گارڊن ۽ يابي آرڪيڊ جو هلندڙ تعميراتي ڪم فوري طور تي روڪيو وڃي.