لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان گهر مان اڌڙوٽ جو تشدد ٿيل لاش هٿ، وارثن جو شر برادري جي ماڻهن تي قتل جو الزام، خبر موجب آريجا ڦيڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٿرڙي گجو ۾ گهر مان 40 ورهين جي اختيار علي شيخ جو تشدد ٿيل لاش مليو، مڙهه ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڪيو، جنهن بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ان موقعي تي مبينا قتل ٿي ويل همراهه جي مامي امتياز شيخ ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ شر برادري جي بااثرن معمولي ڳالهه تان اختيار علي شيخ سان منهن ماري ڪرڻ بعد کيس قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون هيون، ڪالهه رات بگن، محمد نواز، جگر، احسان، علي محمد، ممتاز، رياض شر ۽ ٻين گهر ۾ گهڙي ڪنداق ۽ لٺيون هڻي کيس قتل ڪيو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.