حيدرآباد ڀرسان چور ڀاڳين جي هٿين چڙهي ويو، ڪٽڪو

0
133

حيدرآباد(ن پ ا) حيدرآباد ڀرسان چوري ڪندي چور ڀاڳين پڪڙي ورتو.

ٽنڊو غلام محمد ڳوٺ ۾ چوري ڪندي ڀاڳين چور کي سوگهو  ڪري ورتو، علائقي واسين ڪٽڪي بعد کيس پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

رات دير سان اڻڄاتل چورن قيصر پرهياڙ جي گهر ۾ داخل ٿي چوري پئي ڪئي ته گهر ڌڻي سجاڳ ٿي پيا، جن هڪ ڄڻي کي سوگهو ڪري ڪٽڪو ڏنو.

پوليس جو چوڻ آهي ته چور جي سڃاڻپ محبوب چانڊيو طور ٿي آهي، جنهن کي پٻڻ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

ڳوٺاڻن اعجاز پرهياڙ ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ چورين جو آزار آهي، ان کان اڳ به ڪيتريون ئي چوريون ٿيون آهن.