جيڪب آباد ڀرسان نوجوان جو گولي لڳل لاش هٿ

0
174
جيڪب آباد ڀرسان

جيڪب آباد(ن پ ا) جيڪب آباد ڀرسان نوجوان جو گولي لڳل لاش هٿ آيو آهي.

مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ مجيب جکراڻي ۾ گهر اندر پراسرار نموني گولي لڳل 32 ورهين جي نوجوان ٽلڻ خان جکراڻي جو لاش هٿ آيو، جنهن جي وارثن قتل جو شڪ ظاهر ڪيو آهي.

اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو.

ڪريم بخش جکراڻي جو چوڻ آهي ته گھر اندر ڀاءُ جو گولي لڳل لاش مليو، اسان جي پنهنجي برادري جي ماڻهن سان سڱاوتي تڪرار ۽ دستي برادري سان ڪارنهن تڪرار هلندڙ آهي، خبر ناهي ته کيس ڪنهن قتل ڪيو.

ايس ايڇ او مولاداد دلي جان مگسي جو چوڻ آهي ته نوجوان کي گولي ويجهي کان لڳل آهي، وارثن پاران پنهنجي برادري ۽ دستي برادري سان تڪرار جي ڳالهه ٻڌائي آهي، معاملو ڳجهارت بڻيل آهي حقيقت تائين پهچڻ جي جاچ ڪيون پيا.