حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايڊيشنل آءِ جي ٽن ڊي ايس پيز جون مقرريون ۽ بدليون ڪري ڇڏيون آهن. ڊاڪٽر جميل احمد پاران جاري ٿيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايس ڊي پي او ڦليلي پي ايس پي سيد مسعود اقبال کي بدلي ڪري ايس ڊي پي او لطيف آباد مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته پوسٽنگ جي انتظار ۾ آءِ جي پي آفيس ۾ مقرر اورنگزيب عباسي کي ايس ڊي پي او ڦليلي مقرر ڪيو ويو. اهڙي ريت اي آءِ جي پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل ڊي ايس پي شمس العارفين کي ڊي ايس پي ٽريفڪ ٽنڊو ڄام مقرر ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊي ايس پي ٽريفڪ ٽنڊو ڄام ۽ ايس ڊي پي او لطيف آباد ۾ ڊي ايس پي مقرر نه هئڻ سبب ٻئي عهدا خالي پيل هئا.