ملير (رپورٽر)پيپلز پارٽي ملير جي اڳواڻن اسٽيل مل انتظاميا کي چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن 15 ڏينهن اندر گلشن حديد فيز 1 ، 2 ۽ اسٽيل ٽائون ۾ مسلسل پاڻي بندش، فيز 1 ۾ بجلي ۽ ايڪسٽينشن ۾ پاڻيءَ جي لائين نه وڇائي وئي ته عوامي طاقت سان سي اي او اسٽيل مل آفيس ۽ گهر جو گهيراءُ ڪنداسين. پيپلز پارٽي ملير جي قائم مقام صدر عديل اختر شيخ، جنرل سيڪريٽري ايم پي اي ساجد جوکيو، مير عباس ٽالپر، امداد جوکيو، طارق پٺاڻ ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسٽيل مل انتظاميا گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون جي رهواسين کان هر مهيني پاڻي ۽ سيڪورٽي جي مد ۾ وصوليون ڪندي آهي، گلشن حديد فيز ون جي عوام کان بجلي جا بل ورتا ويندا آهن، ان باوجود عوام غير محفوظ ۽ بنيادي سهولتن جي اڻهوند سبب پريشان آهي. هنن جو چوڻ هو ته اسٽيل مل انتظاميا هڪ طرف ملازمن کي برطرف ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون ۾ رهواسين جو پاڻي، بجلي بند ڪري جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. اڳواڻن اسٽيل مل انتظاميا کي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن جلد پاڻي جو مسئلو حل نه ڪيو ويو ته اسان عوام سان گڏجي احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين.