حيدرآباد پوليس پاران ماڻهو فراءِ ڪرڻ جي کوليل ريسٽورينٽ!

0
212
ڳالھه ڪيان ڪيهي! .. مهراڻ ۾ موٽي اچي ملجان..

اڳ ۾ رڳو پوليس مقابلا ڊرامائي انداز ۾ ٿيڻ سبب مشڪوڪ سڏبا هئا پر هاڻي ته ڏوهارين جي هٿان ٿيل ڏوھه يا هٿ سان مئنيج ڪيل ڏوھاري وارداتون به ڊرامائي انداز ۾ ٿيڻ لڳيون آهن.

                 سنڌ جي سوشل ميڊيا توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي مشڪوڪ ۽ مبينا جا لفظ ته 28 سيپٽمبر جي ان ڏينهن کان ئي استعمال ٿيڻ لڳا هئا جڏهن حيدرآباد ڀرسان  قومي شاهراهه تي هڪ سنسان جاءِ تي ڪراچي مان مورو رقم کڻي ويندڙ خانگي ڪمپني جي هڪ گاڏي مان ڪروڙين رپين جي ڦر ٿي.

ٻڌايو ويو ته اڻڄاتل هٿياربند سيڪيورٽي گارڊز کان هٿيار به ڦر ڪري ويا.

                 بظاهر ته پوليس اهڙي  معاملي کي مشڪوڪ قرار ڏيندي ڊرائيور ۽ سيڪيورٽي عملي کي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏڻ جو روايتي بيان جاري ڪيو پر 20 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود به ان معاملي کي پردي ۾ رکيو ويو. ڇلگري ٿاڻي جي حد ۾ ٿيل ڦر جي انهيءَ وڏي واردات جي ڊرامائي انداز تي ڀلا حيرانگي ٿئي به ته ڇو نه ٿئي؟

ڪراچي مان خانگي ڪمپني جون 4 گاڏيون ڪروڙين رپيا کڻي مورو سميت ٻين علائقن ۾ بئنڪن کي فراهم ڪرڻ پئي ويون ته هڪ گاڏي کي ڊرائيور بريڪ فيل جو جواز ڄاڻائي روڊ تي اهڙي هنڌ روڪيو جيڪو علائقو ويران آهي.

گاڏي جو بريڪ فيل ٿيو يا ڊرائيور کي پيشاب لڳو

پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڏوهارين کي اها خبر آخر ڪيئن پئي ته پئسن سان ڀريل بينڪ جي وين ٺيڪ هن جاءِ تي اچي بيهندي جو هو موٽر سائيڪلن تي سوار ٿي آٽوميٽڪ هٿيارن سان ليس ٿي اڳواٽ ئي اتي بيٺل هئا؟

اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ اخباري خبرن موجب ڦر ٿيل رقم 30 ڪروڙ روپيا هئي پر جڏهن ايف آءِ آر ڪاٽي وئي ته اها رقم پندرهن ڪروڙ رپيا ڄاڻائي وئي. سنڌ پوليس جي ماضي جي سمورن ڪارنامن کي نظر ۾ رکندي اهو به سوال  پيدا ٿئي ٿو ته واردات ۾ اگر گارڊز ۽ ڊرائيور ملوث هئا ته پوءِ به 20 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود پوليس انهن کان ڏوھه جو اعتراف ڇو ڪونه ڪرائي سگهي؟

ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ پنهنجي وڊيو بيان ۾ خود ان ڳالهھ جو اعتراف به ڪيو ته واقعي بابت ڊرائيور ۽ سيڪيورٽي گارڊن جي بيانن ۾ تضاد هو ۽ معاملو مشڪوڪ لڳڻ بعد انهن ڊرائيور ۽ سيڪيورٽي عملي کي جاچ لاءِ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

هن سموري معاملي جي تھه تائين پهچڻ لاءِ ڦر ٿيل رقم جو سهي انگ ڄاڻڻ ضروري آهي جيڪو خود مشڪوڪ بڻيل آهي ڇاڪاڻ ته هڪ طرف ايس ايس پي امجد شيخ جو چوڻ آهي ته ڦر ٿيل رقم لڳ ڀڳ پنج ڪروڙ رپيا هئي جڏهن ته ڇلگري ٿاڻي جي پوليس شروعاتي طور واقعي بابت ڄاڻايو ته کين ڊرائيور اصغر شاهه بيان ڏنو ته هڪ ڪار ۽ ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 9 هٿياربندن حملو ڪيو ۽ کانئن لڳ ڀڳ 30 ڪروڙ رپيا رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن. پوليس موجب ته ڊرائيور شروعاتي بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته گاڏي هن خراب ٿيڻ سبب روڪي هئي جنهن بعد هڪ ڪار ۽ ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 9 هٿياربندن مٿن حملو ڪيو ۽ کين يرغمال بڻائي 3 پستول ۽ 2 رپيٽر ڦر ڪرڻ بعد گاڏي ۾ پيل رقم کنئي ۽ فرار ٿي ويا.

ڪجهھ سال اڳ هڪ نوجوان ڊاڪٽر ديپڪ راج کي ڪوڙي مقابلي ۾ هميشه لاءِ معذور ڪري ڇڏڻ کان پوءِ انيڪ اهڙن ٻين مشڪوڪ مقابلن توڙي فل فراءِ ۽ هاف فراءِ جهڙو نئون اصطلاح متعارف ڪرائيندڙ حيدرآباد پوليس هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي شعور آڏو ان وقت سواليه نشان بڻجي وئي  آهي جڏهن بينڪ جي گاڏي مان مشڪوڪ نموني ڪروڙين رپيا ڦر ٿيل واردات ۾ ملوث ڏيکاريل سمورن ڏوهارين کي فل فراءِ ڪيو ويو آهي.هن مبينا مقابلي کان اڳ گرفتار ڄاڻايل جوابدار انيس جنهن جي نشاندهي تي جوابدارن مٿان ڇاپو هنيو ويو ان کي به ايف آءِ آر ۾ سندن ئي ساٿين هٿان مرندي ڏيکاريو ويو آهي.

هٽڙي ٿاڻي جي حد ۾ ڏيکاريل انهيءَ پوليس مقابلي ۾ هڪ پوليس اهلڪار به زخمي ٿيل آهي جنهن کي پڻ ڊرامائي انداز ۾ جسم جي ان ساڳئي هنڌ تي گولي لڳل آهي جتي اڪثر پوليس ڪنهن ڏوهاري کي هاف فراءِ ڪرڻ لاءِ گوڏي جي ڍڪڻي اڏائي ڇڏيندي آهي. زخمي ٿيل پوليس اهلڪار جي وائرل ٿيل وڊيو معاملي کي اڃان به وڌيڪ شڪي بڻائي رهي آهي ڇاڪاڻ ته زخمي ٿيڻ جي فورن بعد اسپتال پهتل اهلڪار کان جڏهن موقعي تي موجود هڪ نامعلوم صحافي واقعي بابت پڇيو ته هن ڪجھه به ٻڌائڻ بدران ڏک ۽ تڪليف منجهان پنهنجو ڪنڌ ڦيرائي ڇڏيو جڏهن ته ان قسم جي وارداتن ۾ هاف فراءِ ٿيل مبينا ڏوهارين جون انيڪ وڊيوز سوشل ميڊيا تي موجود آهن جن ۾ ٽنگ ۾ گولي لڳل يعني هاف فراءِ ٿيل شخص پوليس جي ڪوڙي مقابلي تان پردا کڻي رهيا هوندا آهن.

هٽڙي لڳ مارجي ويل ڏوهارين جو ڏوهاري رڪارڊ به ظاهر ڪيو ويو آهي پر پوليس جو ٿيل ساڻن مقابلو اصلي آهي يا ڪوڙو ۽ مشڪوڪ آهي، سو سوال اڃان باقي آهي؟

هن مقابلي بعد هر هڪ ماڻهو جي ذهن ۾ ڪيئي سوال جنم وٺي رهيا آهن ته جيڪر هي مقابلو سچو به هو ته ڇا ڏوهاري ويهن ڏينهن تائين ڦر ٿيل رقم جا ٿيلها پاڻ سان گڏ کنيو پئي هليا؟

ڪٿي هن فلم جي شروعات ويھه ڏينهن اڳ ٿيل ڦر واري پهرئين سين کان ئي ته نه ٿي هئي؟

ڪٿي ايئن ته نه هو ته مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوهاري، قاسم مستوئي، عاقب مستوئي، ظهير ابڙو  ۽ انيس چنا اڳواٽ ئي ته پوليس وٽ گرفتار ٿيل نه هئا؟ڇا مقابلي کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ پوليس پنهنجي ئي اهلڪار کي ته هاف فراءِ نه ڪري ڇڏيو آهي؟

اهي ۽ اهڙن ٻين انيڪ سوالن جا جواب آخر ڪير ڏيندو؟

الميو اهو آهي ته هتي اهڙن شڪي مقابلن جي جاچ ڪري  ملوث آفيسرن کي سزائون ڏيڻ بدران کين ترقيون ۽ انعام اڪرام ڏيڻ جو رواج پيل آهي.

الميو اهو به آهي ته پوليس پاران مبينا طور پنهنجون عدالتون پاڻ لڳائڻ واري روش کي ڏسندي ماڻهن به رستن ۽ روڊن تي پنهنجون عدالتون پاڻ لڳائڻ شروع ڪيون آهن.

ٿورو سوچيو، هيءَ بي رحم روش سماج کي ڪهڙي طرف وٺي ويندي؟