پارٽي ۽ ليڊر ۾ توازن جو سوال

0
246
رياست ۽ ادارن سان سياسي راند

  پي ٽي آءِ جي اڳواڻ عمران خان گذريل ضمني چونڊن ۾ ڇھه سيٽن تان ڪاميابي ماڻي ۽ هڪ سيٽ تي هو ناڪام ٿيو آهي. 16 آڪٽوبر تي ٿيل انهن چونڊن جي آيل نتيجن کان پوءِ پي ٽي آءِ تمام وڏي فخريا انداز سان پنهنجي ليڊر جي ڪاميابي تي جشن ملهائي ملڪي ميڊيا خاص ڪري ٽي وي چينلز اهو دهرائيندا رهيا ته عمران خان ملڪي تاريخ ۾ وري هڪ دفعو نئون ريڪارڊ قائم ڪري نئين تاريخ رقم ڪئي آهي. هن 2018ع جي اليڪشن ۾ پنجن سيٽن تان ڪاميابي ماڻي هئي هاڻي هن پنهنجو ئي ريڪارڊ ٽوڙي ڇهن سيٽن تي ڪاميابي ماڻي آهي. ڪنهن پارٽي جي ليڊر جي لاءِ بظاهر هي تمام وڏي پاپولرٽي ۽ هن جي ڪاميابي جو ريڪارڊ آهي ته هو پنهنجي ئي ريڪارڊ کي ٽوڙيندي پاڻ ئي نئون ريڪارڊ قائم ڪندي تاريخ لکندو وڃي. پوري پارٽي جيترو به فخر ڪري ۽ عمران خان پنهنجي ڪاميابي کي ڪهڙن به لفظن ۾ بيان ڪري سگھي ٿو ۽ انهيءَ تي هڪ فخر به ڪري سگھي ٿو پر سنجيده بردبار ۽ گھرائي جي سوچ رکندڙ انهيءَ ڪاميابي کي ڪڏهن به خوشي ۽ مسرت جي نگاھه سان نه سوچي ٿو سگھي نه ڏسي ٿو سگھي، اهڙي گھرائي جي سوچ رکندڙ ڀلي پي ٽي آءِ جي سنجيده گروھه ۾ شامل ٿيندڙ فرد ئي هجن هو ان ڪاميابي کي پنهنجي پارٽي جي لاءِ هن ملڪ ۽ سماج جي لاءِ ڪڏهن بهتر يا قابل فخر تصور نٿا ڪري سگھن. پارٽي ۽ ليڊر جي وچ ۾ جيڪڏهن توازن نٿو رهي ته پوءِ ان پارٽي جو مستقبل تڏهن سواليا نشان بڻجي ٿو وڃي جڏهن ليڊر جو وزن پوري پارٽي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڳرو ۽ طاقتور ٿي وڃي ٿو. ٿيڻ ته ايئن گھربو هو ته عمران خان پنهنجي پارٽي جو طاقت جو مظاهرو ڪندي پارٽي جي اهڙن ڪمزو طبقن جي فردن مان چونڊ ڪري انهن کي پارٽي جي ٽڪيٽ ڏئي پارٽي جي پورهئي ۽ محنت سان ۽ پنهنجي ڪوششن سان کين ڪامياب ڪري ها ۽ جڏهن عام عوام مان فرد پارٽي جي طاقت تي چونڊجي ڪاميابي ماڻيندا آهن تڏهن ان پارٽي جي طاقت وڌيڪ سگھاري ٿي تاريخ جي سفر جاري رکندي آهي ۽ اهوئي پارٽي پنهنجي قومي مسئلن بحرانن کي ختم ڪرڻ جي صلاحيت حاصل ڪري ويندي آهي. پر جڏهن پارٽي هڪ پوئلڳن جو ٽولو بڻجي وڃي ته ان جي سياسي سگھه انتهائي ڪمزور ٿي وڃي ٿي تڏهن اها پارٽي پوري جو پوري پنهنجي ليڊر جي پاپولرٽي ۽ ليڊر جي سهاري ساھه کڻندي آهي. پوئتي پيل معاشرن جو هي هڪ وڏو الميو رهيو آهي ته هو سماجي طاقت کي طاقتور ڪرڻ جي بجاءِ يعني اجتماعي طاقت جي بجاءِ انفرادي ۽ شخصي هيرو جي ڳولا ڪندا آهن ۽ هيرو انهن جو کين واٽ ۾ ڇڏي پوئتي هٽي ويندو آهي يا منزل مقصود تي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي ڪنهن بيماري يا موت سبب ناهي رهندو، تڏهن اهي سماج ويڳاڻا بڻجي وري هيرو جي پيدا ٿيڻ جي تمنا رکندي دعا گھرندا آهن. بلڪل ايئن جڏهن سياسي پارٽيون پنهنجي پوري پارٽي اجتماعي سگھه کي طاقتور ڪرڻ جي بجاءِ پوري پارٽي جي طاقت کي ڪنهن فرد جي شخصيت کي طاقتور ڪرڻ ۾ وقف ڪري ڇڏيندي آهي تڏهن ان پارٽي جي اندر تمام فيصلا اهوئي فرد يعني ليڊر ڪندو آهي جنهن ۾ اها سگھه خود پارٽي منتقل ڪندي آهي. پاپولرٽي ۽ طاقت جو بنياد سياست جي فلسفي ۾ اهڙي اڳواڻ کي تصور ڪيو ويندو آهي جيڪو پنهنجي پورهئي سان پارٽي کي سگھارو ڪري پاڻ کي پوئتي ڪندو آهي ۽ اهڙي ئي پارٽي ان نظريي ۽ فڪر کي اڳتي وڌائيندي پنهنجي گروهي طاقت کان وڌيڪ سماج کي طاقتور ڪندي آهي ۽ اهي ئي سماج طاقتور ٿيندي تاريخ جو ڏکيو سفر ڪرڻ ۽ ڏکيا امتحان ڏيڻ ۽ انهن مان پاس ٿيڻ جي صلاحيت حاصل ڪندا آهن.

جڏهن ايئن ناهي ٿيندو ته ارتقا ۽ ترقي جا سفر ڪمزور رهندي نت نون مسئلن ۾ الجھندي هڪ قدم اڳتي ۽ ٻه قدم پوئتي ٿيندي نظر ايندا آهن. هن ملڪ جي سياسي تاريخ جو وڏو اهوئي بحران آهي ته هتي ليڊر پيدا ڪيا ويا آهن ۽ پوري پارٽي انهيءَ جي شخصيت ۽ طاقت کي وڌائڻ ۾ جنوني ڪيفيت جو مظاهرو ڪندي ان کي سگھه بخشيندي رهي آهن. تقريبن تمام پارٽين جو ئي وڏو الميو رهيو آهي ته پارٽي ڪمزور ۽ ليڊر طاقتور، هاڻي جڏهن پارٽي ڪمزور ۽ ليڊر طاقتور ٿو ٿي  وڃي تڏهن پهريون بحران پارٽي جي اندر اهو ٿو پيدا ٿئي ته صلاحيت جي جاءِ تي ڪمزورن جي چونڊ ليڊر انهيءَ بنيادن تي ڪندو آهي ته هو اڳتي هلي خود ان جي ليڊرشپ جي لاءِ ڪو خطرو پيدا نه ڪندا ( جيئن عمران خان دور حڪومت ۾ پنجاب جي وزير اعليٰ جي چونڊ عثمان بوزدار جي ڪئي پي ٽي آءِ جي اندر تمام گھڻن باصلاحيت اڳواڻن کي نظر انداز ڪيو صرف انهيءَ خوف کان ته ڪٿي هن جي پنهنجي ليڊرشپ جي لاءِ مسئلو نه بڻجي وڃن ۽ انهن جي پاپولرٽي وڌي نه وڃي) اهڙن عملن سان پارٽي جي صلاحيت ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندي ويندي آهي. پارٽي پنهنجا سياسي ادارا طاقتور ڪرڻ ۾ هميشه ناڪام ئي رهندي آهي سڄي پارٽي پوئلڳن جو هڪ اهڙو ٽولو بڻجي ويندي آهي جيڪي صبح کان شام تائين ليڊر جي خوشامد ۾ گوءِ ۾ مصروف هوندا آهن، دولت ۽ خوشامد پارٽي کي تمام گھڻو ڪمزور ڪري ڇڏي ٿي. ٻيو بحران پارٽي جي اندر هي پيدا ٿيندو آهي ته ليڊر کي پنهنجي ڳالھه مڃرائڻ جي لاءِ يا ان تي اثر وجھڻ لاءِ ننڍا ننڍا گروھه پيدا ڪيا ويندا آهن ته جيئن انهن جو دٻاءُ وجھي پارٽي جي اندر طاقتور فرد پنهنجا مفاد حاصل ڪري سگھن، اهو عمل به پارٽي جي لاءِ ڪينسر جي مرض جيان خطرناڪ ۽ خوفناڪ هجي ٿو، ڇو ته ان گروهن ۾ ورهائجڻ جي ڪري پارٽي پروڻ ٿي ويندي آهي هو ڪابه مقابلي جي سگھه ۽ تعميراتي ڪم جي صلاحيت ناهي رکي سگھندي. اهڙين پارٽين کي جڏهن به سياسي اقتدار ملندو آهي يا اهي ماڻينديون آهن تڏهن تنظيمي سگھه نه هجڻ جي ڪري سماج مان برايون ختم ڪرڻ جي صلاحيت ناهن رکنديون، منظم عوام دشمن استحصالي مافيائن سان ٽڪر کائي نه سگھنديون. ٽيون ۽ خطرناڪ بحران پيدا ٿيندو آهي جڏهن پاپولر ليڊر ملڪ جي اندر ٻين سگھارن ڌرين جي لاءِ ناقابل قبول ٿي ٿو وڃي يا ان ليڊر جا انهن سگھارن ڌرين سان ٽڪراءُ پيدا ٿا ٿين انهيءَ کان علاوه عالمي اسٽيبلشمينٽ جا مفاد ۽ ٽڪراءَ جڏهن ان نهج تي پهچن ٿا ته هو ان ليڊر کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن تڏهن “مائنس ون ” جو فارمولو وري متحرڪ ٿيندي بحث جو موضوع ٿو ٿئي،

هن ملڪ جي تاريخ ۾ هر پاپولر ليڊر سان اهوئي ٿيندو آيو آهي جو هن کي هٽائڻ جي لاءِ مائنس ون تي عمل ڪندي مختلف حربا ۽ حرڪتون ٿيندي گذريون آهن ۽ نظر اچن ٿيون پر جيڪڏهن پارٽي جي اندر هڪ شخص يعني ليڊر سڀ ڪجھه نه هجي پارٽي پنهنجي نظريي عمل ۽ فڪر ۾ مضبوط ۽ طاقتور هجي ته مائنس ون جو فارمولو بيڪار ۽ بي جان ٿي ختم ٿي ويندو. ڇو ته ڪنهن فرد جي هٽڻ سان يا  پارٽي اڳواڻ جي تبديل ٿيڻ سان نظريو ۽ فڪر ختم نٿو ٿي سگھي، هٽائيندڙ ڌريون ۽ گروھه داخلي ۽ خارجي سڀ جو سڀ ان شين کي ٺيڪ طرح سان سمجھن ٿا، تنهن ڪري اهڙي پارٽي جيڪا پنهنجي نظريي ۾ مڪمل طور تي مضبوط ۽ ڪمپوز هجي ٿي اتي فرد جي هٽڻ ۽ وڃڻ سان ڪو خاص فرق ناهي پوندو. عوامي پاپولرٽي ۾ فرد جو ڪردار صرف اٽي ۾ لوڻ برابر ذائقي جو مثال ڏئي سگھجي ٿو وڌيڪ بلڪل نه ، پارٽي ۽ ليڊر جي توازن جو سوال برابري جي بنيادن تي به هجڻ گھرجي بلڪه پارٽي جو توازن ليڊر يعني اڳواڻ کان وڌيڪ سگھارو هجڻ گھرجي. دنيا جا عظيم انسان اهي ئي هوندا آهن جن پنهنجي قومن ۽ سماجن جي تقدير تبديل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ذات کي طاقتور ڪرڻ جي ابتڙ پارٽي ۽ سماج کي طاقتور ڪيو آهي ۽ اهي ئي فرد تاريخ جا وڏا انسان ۽ ليڊر بڻيا آهن ۽ بڻبا رهندا. اسان کي ڪنهن پارٽي سان محبت ۽ نفرت يا اختلاف به ان جي فڪر نظريي ۽ عمل جي بنيادن تي هجي ٿو سياست جي اندر ذاتي پسند ۽ ناپسند شخصي انا پرستن وٽ هوندي آهي قومي مفاد ۽ سماجي مفاد پنهنجي ذات کان وڌيڪ اهميت وارا هجن ٿا اهڙي طرح پارٽين جي لاءِ به ليڊر کان وڌيڪ اهميت پنهنجو وطن ۽ پنهنجو سماج ئي هجي ۽ هجڻ گھرجي جيڪو بدقسمتي سان ناهي ٿي سگھيو. سياسي پارٽيون هن وقت هڪ اهڙا گروھه بڻجي ويون آهن جن ۾ گروهي تضاد وڌندي هاڻي شخصي هيروازم جي مقابلن ۾ اچي هڪ فرد پوري پارٽي تي ڀاري ڪيو ٿو وڃي تڏهن اهي فرد پنهنجي انا ۽ ضد ۾ اچي اجتماعي مفادن کان وڌيڪ ذاتي مفادن ۽ انائن کي اهميت ڏين ٿا. هن ملڪ جي پوري سياست ۽ پارٽيون انهيءَ ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهن.