حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) هٽڙي ويجهو باءِ پاس وٽ پوليس مبينا مقابلي دوران 4 ڦورو مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته هڪ اهلڪار اسد چنا زخمي ٿي پيو. ايس ايس پي حيدرآباد امجد احمد شيخ دعويٰ ڪئي آهي ته مقابلي ۾ مارجي ويل ڦورو قاسم مستوئي، انيس چنو، عاقب بلوچ ۽ ظهير ابڙو ڪجهه عرصو اڳ قومي شاهراهه تان بئنڪ ڏانهن رقم کڻي ويندڙ سيڪيورٽي ڪمپني جي گاڏي مان ڪروڙين رپيا ڦر ڪئي هئي، جن جي گرفتاري لاءِ ٽيم جوڙي وئي هئي، جنهن لاڳيتو ڪوشش ڪري ڳجهي اطلاع تي باءِ پاس وٽ ڦورن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڦورن پوليس ڏسندي مٿن سڌا فائر ڪيا جنهن دوران هڪ اهلڪار زخمي ٿيو جڏهن ته پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ 4 ڦورو مارجي ويا آهن. ايس ايس پي اهو به ٻڌايو ته ڦورن جي قبضي  مان کين 5 ڪروڙ 10 لک رپيا روڪ رقم هٿ آئي جڏهن ته 3 ٽي ٽي پستول، هڪ ڪلاشنڪوف ۽ 2 موٽرسائيڪلون به هٿ ڪيون ويون آهن. ڦورن جا لاش رات دير سان پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيا ويا. پوليس زخمي اهلڪار اسد چنا کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو. پوليس حلقن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل مقابلي ۾ هٽڙي، سٽي، ڇلگري، بلديا، حالي روڊ ۽ فورٽ سميت 7 ٿاڻن جي پوليس حصو ورتو آهي.  پوليس ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته 28 سيپٽمبر تي قومي شاهراهه وٽ ڇلگري ٿاڻي جي حد مان 9 ڦورن خانگي بئنڪ ڏانهن رقم کڻي ويندڙ سيڪيورٽي عملي کي يرغمال بڻائي کانئن ڪروڙين رپيا ڦر ڪيا ويا هئا جنهن جي جاچ دوران پوليس ڪراچي جي علائقي ملير مان 2 ڦورو گرفتار ڪري حيدرآباد منتقل ڪيا هئا پر پوليس ڦورن جي منتقلي بابت ڪا به تصديق نه ڪئي هئي، جڏهن ته هاڻي واقعي ۾ ملوث 2 ٻيا ڦورو گرفتار ڪري چئني ڦورن کي فل فراءِ ڪرڻ بعد مقابلي جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ذريعن اهو به انڪشاف ڪيو ته ڄاڻايل واقعي ۾ بئنڪ جو عملو به ملوث هو ڇاڪاڻ ته ڪمپني جي گاڏي کي خراب هئڻ جو جواز ڄاڻائي ڊرامائي انداز ۾ ويران هنڌ روڪيو ويو جتان هو آساني سان ڦر ڪري فرار ٿي ويا هئا.  ان کان اڳ حيدرآباد هڪ ٻئي شڪي مقابلي ۾ پوليس ٻه ڏينهن اڳ مدينه ٽائون مان کنڀي گم ڪيل نوجوان سميت ٽن ڄڻن کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته حسين آباد پوليس جو بچاءُ بند وٽ ڏوهه جي ارادي سان گهمندڙ ٻن شڪي موٽرسائيڪل سوار ماڻهن سان مقابلو ٿيو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سجاد سولنگي ۽ عبدالرحيم زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيلن جي قبضي مان تالا ٽوڙڻ جو سامان ۽ هٿيار مليا آهن. ترجمان جي دعويٰ آهي ته ٻنهي ڄڻن جو تعلق تالا ٽوڙ گروهه سان آهي جن شهر جي قاسم چوڪ، ڀٽائي ٽائون، هٽڙي، آٽو ڀان روڊ سميت ٻين علائقن ۾ شهرين جي گهرن جا تالا ٽوڙي لکين رپين جو سامان چوري ڪيو. جوابدار ساجد علي عرف ساجو سولنگي تي نوشهروفيروز ضلعي ۾ ڦرلٽ ۽ چورين جا 17 ڪيس جڏهن ته مٿس حسين آباد ٿاڻن تي غيرقانوني اسلحي ۽ پوليس سان مقابلي جا 3 ڪيس داخل ٿيل آهن. بلديا پوليس جو چوڻ آهي ته درگاهه نانگو شاهه وٽ ڏوهارين سان مقابلي ٿيو جنهن ۾ هڪ ڏوهاري عامر چنا زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيو جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويو آهي. پوليس جي دعويٰ آهي ته زخمي ڏوهاري جي قبضي مان کين هٿيار مليو ۽ جنهن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار هٽڙي، بلديا ۽ ڀٽائي نگر ٿاڻن جي حدن ڦرلٽ جي وارداتن ۾ ملوث هو.