حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جي ضمانت لاءِ ڏنل درخواست تي نوٽيس جاري ڪندي 20 اپريل تي ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او ڄامشورو کي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. گرفتار شاگردن محمد اسلم انڙ، نادر علي ڀنگوار، محمد اجمل ڀنگوار، عديل لغاري ۽ راشد گاڏهي وڪيل عرفان خاصخيلي معرفت ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي. درخواست تي ٻڌڻي جسٽس محمد اقبال ڪلھوڙ تي مشتمل ڊويزنل بئنچ ڪئي. وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته جيڪي شاگرد ڪيس ۾ نامزد ئي نه هئا انهن کي گرفتار ڪري کين جيل اماڻيو ويو آهي جڏهن ته انهن اي ٽي سي ۾ شاگردن جي ضمانت لاءِ رجوع ڪيو هو پر اتان سندن درخواست رد ٿي وئي جنهن ڪري انهن هاڻي لاڳاپيل عدالت ۾ ضمانت لاءِ درخواست ڏني آهي. وڪيل عدالت کي اهو به ٻڌايو ته ان کان اڳ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جي ڏوهه ۾ به شاگردن تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو هو جنهن دوران لاڳاپيل عدالت سختي سان حڪم ڏنا هئا ته ٻيهر اجايا ڪيس داخل نه ڪيا وڃن پر تنهن باوجود پوليس مستقبل جي معمارن تي وري ٻيو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. وڪيل موجب ڄاڻايل ڪيس ۾ ڪجھ شاگردن کي مئجسٽريٽ پڻ بري ڪيو آهي ان لاءِ عدالت سندن ضمانت منظور ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇاڪاڻ ته ڪيس ۾ جيڪو سيڪشن لڳايو ويو آھي ان کي لاھور ھاءِ ڪورٽ رد ڪري چڪي آھي. عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد پوليس عملدارن کي سڀاڻي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪئي.