ٽنڊوالھيار (رپورٽر ) سرفراز واھ مان نڪرندڙ چاڪر شاخ چمبڙ جي آبادگارن پاران  بڪيراڻي آبپاشي آفيس آڏو پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي  مظاھرو ڪيو ويو. امير بخش رند، اشرف احمداڻي ۽ ٻين چيو ته چاڪر شاخ جي پچڙي ۾ ٽن مھينن کان پاڻي جي شديد کوٽ آھي، پاڻي منڍ جي آبادگارن کي وڪرو ڪيو پيو وڃي.  آبادگارن وڌيڪ چيو ته چاڪر شاخ 114 آرڊين تي مشتمل آھي، پر پاڻي صرف 80 آر ڊين تائين مس پھچي ٿو، باقي شاخ جي 34 آرڊين ۾ پاڻي بجائي واري اڏامي رھي آھي.  ايس ڊي او ۽ ٻيا عملدار منڍ جي وڏن آبادگارن کان رشوت وٺي انھن جي واٽر ڪورسن جا ماڊول ٽوڙائي پاڻي وڪرو ڪري رھيا  آھن، اسان جون زمينون بنجر ٿي ويون آھن. ھنن آبپاشي کاتي جي اي سي ظھير ميمڻ ۽انجنيئر فرحان وڳڻ کان مطالبو ڪيو ته پاڻي ڏئي اسان جون زمينون بنجر ٿيڻ کان بچايون وڃن.