شهدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ ۾ رات ھڪ ڪلاڪ جي برسات ميونسپل ڪاميٽي جي پت وائکي ڪري ڇڏي. شھري ايڪشن ڪاميٽي جي صدر محمد حسن بروهي، غريب عوام پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ نصير سيلرو، ايڊووڪيٽ محمد يوسف مگسي، الطاف تنيو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته شھدادڪوٽ ميونسپل ڪاميٽي جي مھيني جي بجيٽ 2 ڪروڙ 18 لک ھجڻ باوجود هڪ ڪلاڪ جي برسات سبب ناليون ۽ گٽر اٿلي پيا، شهر ۾ گندي پاڻيءَ جا تلاءَ بيهجي ويا آهن. شهرين کي عيد خريداري لاءِ  سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ميونسپل ڪميٽي شھدادڪوٽ ۾ 80 ڪلارڪ، 70 صفائي عملو 40 آفيسر ھئڻ باوجود شهر گندگيءَ جي ور چڙهيل آهي. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته عيد ويجهو آهي معاملي جو نوٽيس وٺي شهر مان پاڻي نيڪال ڪرائي صفائي ڪرائي وڃي.