ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽو پوليس گٽڪي مائي جي فيڪٽري ۽ گدام تي ڇاپو هڻي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري وڏي مقدار ۾ انڊين گٽڪي جي پيڪٽن سميت هڪ مڪسنگ،  2 پيڪينگ مشينون ۽ ٻيو گٽڪي مائي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ ڪيو.ان سلسلي ۾ ايس ايس پي عديل چانڊيو موجب عبدالرحمٰن ميمڻ جي گدام تي ڇاپو هڻي 4725 اندِين گٽڪي جا پيڪٽ ، 200 گٽڪي مائي جون پڙيون جڏهن ته مڪلي ٿاڻي جي پوليس شاهمراد ڪالوني ۾حيدر پنهور جي گٽڪي مائي جي فيڪٽري تي ڇاپو هڻي هڪ جوابدار منور پنهور کي گرفتار ڪري هڪ مڪسنگ ، 2 پيڪنگ مشينن سميت وڏي مقدار ۾گٽڪي مائي جون پڙيون ۽ ريپر پني هٿ ڪري ٺٽو ۽ مڪلي ٿاڻن تي جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ جا ڪيس داخل ڪيا ويا