حيدرآباد: خانگي اسپتال جي انتظاميا طرفان پئسن کانسواءِ لاش نه ڏيڻ وارو مامرو، جاچ ڪميٽي جُڙي وئي

0
314

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد ۾ خانگي اسپتال جي انتظاميا طرفان پئسن کانسواءِ لاش نه ڏيڻ وارو مامرو، ڊي ايڇ او حيدرآباد مامري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي، ڀٽائي اسپتال، ڪوهسار ۽ قاسم آباد اسپتال جا ايم ايس ڪميٽي ۾ شامل آھن.

ڊي ايڇ او جو چوڻ آهي ته ڪميٽي اسپتال ۾ ٽائيم نيوز جي ٽيم کي يرغمال بڻائڻ واري مامري جي به جاچ ڪندي، قاسم آباد جي خانگي اسپتال جي انتظاميا پئسا نه ملڻ تي نينگر جو لاش ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو، ڪوريج لاءِ پهتل ٽائيم نيوز جي ٽيم کي به يرغمال بڻايو ويو، ڪميٽي کي فوري جاچ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي.