مبارڪپور ۾ تعليم شروع ٿيڻ باوجود شاگردن کي نصابي ڪتاب نه مليا

0
297

مبارڪپور (ن پ ا) مبارڪپور ۾ تعليم شروع ٿيڻ باوجود شاگردن کي نصابي ڪتاب نه مليا، بوائز پرائمري اسڪول جي استادن ۽ شاگردن جو نصابي ڪتاب نه ملڻ خلاف مظاهرو، شاگردن جو چوڻ آهي ته ڪورونا جي صورتحال ۾ اڳ ئي تعليم سخت متاثر ٿي وئي آهي، هاڻي اسڪول کُلي ويا پر شاگردن کي نصابي ڪتاب نه ملي سگهيا آهن، اعليٰ اختيارين کي درخواستن باوجود ڪتاب نه ڏنا ويا، شاگردن ۽ استادن طرفان فوري طور نصابي ڪتاب ڏيڻ جو مطالبو  ڪيو ويو آھي.