ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اينٽي انڪروچمينٽ واري عدالت سرڪاري زمين تي قبضي واري ڪيس ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست رد ڪري کيس 8 سيپٽمبر تائين عدالتي ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو، ڪالهه ٻڌڻي دوران حليم عادل جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته حليم عادل جاچ آفيسر سان بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ  جاچ آفيسر سان مختلف وقتن تي 3 ڀيرا رابطو ڪيو پر جاچ آفيسر  ساڻس تعاون ناهي ڪيو، عدالت  دليل ٻڌڻ بعد حليم عادل شيخ جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، عدالت لکت ۾ جاري ڪيل حڪمنامي ۾ چيو ته حليم عادل جي 22 جون تي گرفتاري کان اڳ ضمانت منظور ڪري کيس جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو، 18 جولاءِ تي جاچ آفيسر ٻڌايو ته حليم عادل جاچ  ۾ شامل ناهي ٿيو، جنهن تي حليم عادل جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي مهلت طلب ڪئي هئي، عدالت جوابدار کي 4 آگسٽ تائين جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي مهلت ڏني، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته 4 آگسٽ تي جاچ آفيسر وري عدالت کي ٻڌايو ته حليم عادل جاچ ۾ شامل ناهي ٿيو، تنهنڪري حليم عادل جي عبوري ضمانت رد ڪئي وڃي ٿي، ضمانت رد ٿيڻ بعد پوليس جي ڳري نفري حليم عادل کي عدالتي ڪمري ٻاهران گرفتار ڪري بڪتر بند گاڏي ۾ ويهاري جيل منتقل ڪري ڇڏيو. هوڏانهن  سنڌ هاءِ ڪورٽ حليم عادل جي اينٽي ڪرپشن پاران گرفتاري خلاف توهين عدالت جي درخواست تي حليم عادل شيخ کي گرفتار نه ڪرڻ بابت اسٽي ۾ واڌ ڪندي درخواست اڪلائي ڇڏي، عدالت اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين کي هدايت ڪندي چيو آهي ته جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ احتياط کان ڪم وٺندا ڪريو.